البانيه جي شه رترانا جي وڏي بجلي گهر ۾ هڪ ٻلي ڪوئي جي پٺيان ڊوڙيندي سموري شهر کي 72 ڪلاڪن تائين اونداهه انڌوڪار ڪري ڇڏيو. بجلي ڪمپني جي هڪ ترجمان ٻڌايو آهي ته هڪ ٻلي ۽ ڪوئو هاءِ وولٽيج ڪيبل ۾ داخل ٿي ويا هئا.
ترجمان ٻلي ۽ ڪوئي جون تصويرون پڻ ڏيکاريون ۽ چيو ته اسين اهي تصويرون ان ڪري محفوظ ڪيون آهن چاڪاڻ ته اهڙو نظارو اسين پهريان ڪڏهن به نه ڏٺو هو. البانيه جا رهواسي ڪيتري ڏهاڪن کان بجلي بند هجڻ سبب تمام گهڻا بيزار آهن ۽ الاهي گهر ۽ دڪاندار پيٽرول واري جرنيٽرن سان ڪم هلائيندا آهن.