اڄ آئون شيدي جي دڪان تي ويو هوس ته هن مونکي ٻڌايو پئي ته منهنجي هڪ گاهڪ ٻڌايو آهي ته هڪ ملڪ آهي ميڪسيڪا....
مان چيو، نه يار هن ميڪسيڪو چيو هوندو.
ها ها ساڳيو ئي. چيائين هتي هڪ گڏهه کي ماڻهن جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو آهي. هن جو ڏوهه اهو هو ته هن هڪ ماڻهون کي ٽڪر هنئي ۽ پوڙهي کي بچائيندڙ هڪ نوجوان کي اٽ هڻي اونڌو ڪري ڇڏيائين. چيائين ته پوءِ گڏهه ٻنهيءَ ماڻهن مٿان چڙهي ويو ۽ سموري پاڙي وڏي ڏکيائي سان هن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهه سدائين ڏوهه هوندو آهي پوءِ کڻي ماڻهون ڪري يا گڏهه. ۽ هاڻ گڏهه جي ضمانت تڏهن ٿيندي جڏهن سندس مالڪ زخمي ماڻهن جي ميڊيڪل جو خرچ ادا ڪندو.
مان چيو يار شيدا هي ته ڪو خاص ڳالهه ناهي، هنن ته رڳو گڏهه کي ماڻهن جي جيل ۾ قيد ڪيو آهي ۽ هن جي ضمانت به ٿي ويندي.
شيدي سدائين وانگر کلندي چيو ته بونگا تون سدائين اهڙو ئي رهندين. اڙي ڏس ته هتي گڏهه ڏوهه ڪري ته پوليس هن بي زبان گڏهه کي جيل ۾ قيد ڪندي آهي ۽ هتي ماڻهون، پير، فقير ۽ زميندار هڪ ٻي کي ڌڪ هڻندا آهن پر هنن کان ته ڪو به نٿو پڇي. اڙي هتي ته پوليس ئي هر ماڻهون کي چڪ وڍندي آهي ۽ اٽون به. پر هنن کي ڪير پڪڙندو.
تنهنجو مطلب آهي ته هتي گڏهن جي پوليس آهي، مان شيدي سان کيچل ڪئي؟
گڏهن جي نه مهان گڏهن جي. ڇاڪاڻ ته جڏهن اهي گڏهه ڪنهن مظلوم کي لتاڙيندا آهن ته پوءِ پاڙي وارا ته ڇا اڌ شهر به کيس نٿو ڇڏائي سگهي. هن گڏهه ته رڳو ٻه ماڻهون زخمي ڪيا آهن پر اهي گڏهه ته هنن ماڻهن جي سموري مائٽن کي لائن ۾ بيهاري هن مهل تائين لتون هڻندا آهن جيستائين کين ڪجهه ڏنو نٿو وڃي.
پوءِ ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ شيدي ڏاڍيان کلڻ شروع ڪيو. چيائين ”بونگا دراصل هڪ گڏهه هتي به آهي جيڪو سڀنيءَ کي چڪ به پائيندو آهي ۽ لتون به هڻندو آهي، ۽ گڏهه به ايترو سگهارو آهي ته سمورو ملڪ هن جو ڪجهه به نٿو وڳاڙي سگهي.“