هڪ هيڻي ماڻهون پنهنجي حد کان وڌيڪ ٿلهي ذال کان رات جي مهل پڇيو ”تون منهنجي ڪهڙي قسم جي موت ڏسڻ چاهين ٿي؟ منهنجو مطلب آهي ته تڙڦي تڙڦي مرندي ڏسڻ چاهين ٿي يا اچانڪ موت؟ سندس ذال حيران ۽ مهربان ٿيندي چيو ته ”هاءِ الله رات جي 2 وڳي توهان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، رب نه ڪري جو توهانکي ڪجهه ٿئي“.
سندس مڙس چيو ”ڏس موت برحق آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اهو حق جتائڻو آهي بس توکان جيترو پڇيو آهي تون جلدي هن ڳالهه جو جواب ڏي؟ سندس ذال چيو ”پهرين ڳالهه اها آهي ته رب سائين توهانکي پنهنجي حفاظت ۾ سلامت رکي ۽ جيڪڏهن موت اچي ته پوءِ مان توهانکي تڙڦندي مرندو نٿي ڏسي سگهان، مرڻو آهي ته پوءِ اچانڪ موت ڏسڻ چاهيندس“ مڙس ذال کي جواب ڏنو ته پوءِ تون پنهنجي ٻي لت به منهنجي مٿان رکي ڇڏ ته جيئن مان موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش کان آزاد ٿي وڃان.
هڪ اخباري رپورٽر موجب ونڊيڪو نالي جي 33 ورهين جي آمريڪي عورت دنيا جي سڀ کان ٿلهي عورت آهي جنهن جو وزن هن مهل ٻه هزار اٺ سئو ٻيانوي پائونڊ آهي جيڪو لاڳيتو وڌي رهيو آهي. خيال ڪري سگهجي ٿو ته ايندڙ ڇهن مهينن تائين سندس وزن ٽي هزار پونڊ به ٿي سگهي ٿو.
اها عورت هلي نٿي سگهي. سندس خوراڪ هڪ عام ماڻهون جي ڀيٽ تمام گهڻي آهي هو بريڪ فاسٽ ۾ ٻه ڊزن آنا ۽ ٽي اُڦراٽا ۽ مکڻ کائيندي آهي، لنچ ۽ ڊنر ۾ 6 پائونڊ خنزير جو گوسٽ ۽ مڇي شامل آهي. هي سندس پرهيزي کاڌو آهي ۽ جيڪڏهن هو پرهيز ڪونه ڪندي ته پوءِ اسانکي به خبر ناهي ته هو اڃان ڪيتري ٿلهي ٿي ويندي.
هونئن اسانجي مُلڪ ۾ به پرهيز جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي اسانجي مُلڪ ۾ عورتون دوائن بدران پرهيز کي وڌيڪ ترجيح ڏينديون آهن. ڇاڪاڻ ته کين اهو ڀئو هوندو آهي ته دوا کائي اسانکي آرام نه اچي ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ کان به لهرائينديون آهن ته شايد جسم تي فضول ٻوٽي يا چربي نه چڙهي ڇاڪاڻ ته ٻوٽي ٻوٽي گڏجي ڪري گوشت جو جبل ٺهندي آهي.
هن آمريڪي عورت جي همت ڏسو جيڪي گوشت جو باقاعده جابلو سلسلو آهي پر وري به خوش خوراڪ ۽ خوش خيال آهي سندس حوصلو بُلند ۽ خيال رومانوي آهن ڇاڪاڻ ته رپورٽ ۾ اهو لکيو ويو آهي ته ٿلهي پن جي احساس کانپوءِ به سندس خواهش آهي ته ڪو کيس پيار ڪري. سندس چوڻ آهي ته ٽام ڪروز ۽ بريڊ پٽ سندس خوابن جا شهزاده آهن جيڪي سندس خوابن ۾ ايندا آهن.
هتي هن ڳالهه تي به غور ڪرڻ گهرجي ته جنهن ڏينهن اهي اداڪار سندس خواب ۾ ايندا ته هنن ٻنهيءَ جو ڇا ٿيندو. پهرين ڳالهه اها آهي ته هو بيڊ روم ۾ پوري نٿي اچي ته پوءِ خواب ۾ ڪيئن ايندي. ٽام ڪروس ۽ بريڊ پٽ کيس قسطن ۾ ڏسي سگهندا. اڄ خواب ۾ سٿر ايندي ته سڀاڻي گوڏو، پرينهن ٺوٺ ايندي ۽ ٻي ڏينهن ڪلهو ايندو.
وه هر روز ميري خوابون مين آتي هي مگر پوري نهين آتي
ڪڀي زلفون مين ڇپ ڇو ڪر ڪڀي چلمن مين رڪ رڪ ڪر
جيستائين سندس خواهش جو تعلق آهي ته ڪو کيس پيار ڪري ته هو پنهنجي جاءِ تي بالڪل صحيح آهي پر ڪو ايترو وڏو رسڪ ڪئين کڻي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو ڪم تمام اڻائو آهي ۽ ٻيو اهو اڪيلي ماڻهون جو ڪم ناهي. جيڪڏهن ڪو همت به ڪندو ته پير کان گوڏي تائين وڃڻ لاءِ الاهي ڏينهن درڪار هوندا ۽ اهو معرڪو سرانجام ڏيڻ لاءِ طويل عرصو کپي. بهرحال هي ٿلهو پن ناهي بلڪ هڪ بيماري آهي، هن کي به خبر آهي ته هو ڪهڙي تڪليف ۾ آهي ۽ رب سائين کيس صحت عطا ڪري. (آمين)
خير سان کائڻ پيئڻ جي لحاظ کان ته اسانجي ملڪ ۾ به کوڙ ماڻهون موجود آهن. اڌ ملڪ کائي ويا آهن، ملڪ جو خزانو کائي ويا آهن ۽ اڪثر بئنڪن جا قرض کائي ويندا آهن، قرض ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قرض ته وٺندا آهن پر اهو قرض به کائي ويندا آهن. هڪ ماڻهون ڪنهن دعوت ۾ سڀني کان اڳ کائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهون ايندا رهيا ۽ ماني کائي موٽندا رهيا پر هو لاڳيتو کائيندو رهيو.
ميزبان ڏاڍو ناراض هو ته اهو مهمان ڪڏهن کائڻ بند ڪندو. ڪيترا ئي ڪلاڪ لاڳيتو کائڻ کانپوءِ جڏهن هو بيٺو ته ميزبان پڇيو ته ادا ڍئو ٿي ويو؟ هن چيو نه ادا، اڃان ڍئو ڪونه ٿيو آهي مان به ٿڪجي پيو آهيان. پر اسانجي سياستدانن کي ڍئو ٿيندو آهي نه وري ٿڪندا آهن، هڪ پارٽي عوامي ناڻو ۽ ملڪي خزانو کائي ڪري اسٽينڊ وٺندي آهي ته ٻي کائڻ شروع ڪندي آهي ۽ اها پارٽي ٿڪندي ناهي ته پهرين پارٽي وري فريش ٿي ڪري کائڻ شروع ڪندي آهي. ٻيون ننڍيو پارٽيون به هيڏانهن هوڏانهن گهمنديون نظر اينديون آهن ۽ جڏهن کين موقعو ملندو آهي ته پوءِ اُهي ڪنهن نه ڪنهن پارٽي سان اتحاد ڪري پنهنجو فائدو حاصل ڪنديون آهن، جيستائين ڳئون کير لاهيندي آهي هنن کي سندس ڇيڻي مان خوشبو ايندي آهي ۽ جڏهن ڳئون لتون هڻڻ شروع ڪندي آهي يا وري کير ڏيڻ بند ڪندي آهي ته پوءِ ڳئون جا سڱ ڦرندا نظر ايندا آهن. پوءِ اُهي ماڻهون ٻي پارٽي جي پٺيان ڊوڙيندا آهن ته شايد هتان به کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ملي وڃي.
پر هنن سياسي ليڊرن مان ڪجهه اهڙا به ”باڪردار“ ماڻهون موجود آهن جيڪي چوندا آهن ته نه کيڏندا سين نه وري کيڏڻ ڏيندا سين ۽ ڪجهه چوندا آهن ته جيڪڏهن اسين نه کيڏندا سين ته پوءِ ڪو به نه کيڏي سگهندو. اسانکي هر ايندڙ ماڻهون بُرو ۽ ويندڙ ماڻهون چڱو لگندو آهي ۽ آزمايل کي آزامائڻ اسانجي قوم جو ڌار ورتاء آهي ته ماضي کي وساري مستقبل جا سهڻا خواب ڏسڻ شروع ڪندي آهي، اڃان هنن جا ڏنل زخم ڀريا ڪونه آهن جو اسين وري هنن جي منهن ۾ هٿ ڏئي ٻيهر وڍرائڻ جي دعوت ڏيندا آهيون.