جاپان جي شهر ٽوڪيو جي ويجهي شهر ناگارياما شهر ۾ يوسوڪي نالي جو هڪ طوطو پنهنجي پڃري کان اُڏامي وڃائجي ويو ۽ پوءِ هن اهو ڪيو جيئن مالڪ هن کي سيکاريو هو. معني هن ماڻهن کي پنهنجو نالو ۽ ايڊريس ٻڌايو. پوليس چيو آهي ته هن پاڙيسيرين جي ڇت مٿان هڪ طوطو پڪتو هو.
طوطي کي هڪ رات تائين پوليس ٿاڻي ۾ رکيو ويو جنهن کانپوءِ طوطي کي جانورن جي اسپتال نيو ويو جٿي هن پنهنجي مالڪ جي باري ٻڌايو. طوطو پوليس اهلڪارن جي آڏو خاموش رهيو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جانورن جي ڊاڪٽر سان حال احوال ڪندو هو.
پوءِ طوطي ٻڌايو ته سندس نالو ”مسٽر يوسو ڪي ناڪامورا“ آهي. بعد ۾ طوطي پنهنجي گهر جو ايڊريس ۽ گهٽي نمبر به ٻڌايو. پوءِ طوطي گانا ٻڌائي جانورن جي اسپتال جي عملي کي به خوش ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته اسين طوطي کي سندس ٻڌايل ايڊريس تي ويا سين هٿي حقيقت ۾ هڪ ناڪامورا خاندان رهندو هو. ۽ پوءِ پوليس گهر ڀاتين کي ٻڌايو ته اسين توهانجي ”يوسوڪي“ کي ڳولي ورتو آهي.
سياڻي طوطي پوليس وارن جي سامهون ڪجهه نه ڳالهايو. هڪ پوليس اهلڪار جو چوڻ آهي ته ”مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هو مون سان ڪجهه ڳالهائي پر هن مونکي لفٽ ڪونه ڪرائي“.