ڀارتي وزير اعظم جو ڪلاس فيلو دهلي روانو
واهگه سرحد جي ذريعي ڀارت پهچڻ وارو وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه جو ننڍپڻ جو دوست راجا محمد علي.
اٽاري، امرتسر، 23 مئي (جگتار سنگهه لانبا، رجندر سنگهه روبي) صدر ڊاڪٽر من مون سنگهه جو ننڍپڻ جو دوست راجا محمد علي (79) اڄ اٽاري سرحد جي ذريعي امرتسر پهچي ويو ۽ اڄ شام 24 مئي تي دهلي روانو ٿيو آهي، جٿي 68 ورهين کانپوءِ هو سندس پراڻي دوست سان ملندو، جنهن سان هو چوين ڪلاس تائين هڪ ئي اسڪول ۽ هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندو هو.
راجه محمد علي ڳوٺ گاه ضلع چڪوال اسلام آباد جو رهواسي آهي ۽ صدر ڊاڪٽر من موهن سنگهه به انهيءَ ڳوٺ سان واسطو رکندو آهي ۽ اهو ڳوٺ سندس آٻاڻو ڳوٺ آهي. اٽاري سرحد جي رستي هتي پهچندڙ راجا محمد علي سان گڏ سندس ڀائٽيو حاجي محمد احمد به آهي ۽ هو هڪ مهيني جي ويزا تي ڀارت آيا آهن. راجا محمد علي هتي آڙهت جو ڪم ڪندو آهي.
هو سندس مائٽ موهني (وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه جو ننڍپڻ جو نالو) لاءِ سنهري تلي واري چونڀ واري ملتاني جُتي وٺي آيو آهي. هن کان علاوه هو من موهن سنگهه سان جڙيل ڪجهه ٻيون شئيون به وٺي آيو آهي. ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي هنن ٻڌايو ته وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه جو پيءُ ڊرائي فروٽ جو ڪاروبار ڪندو هو.
هو اڪثر اسڪول ۾ ڊرائي فروٽ کڻي ايندو هو ۽ مان سندس ڊرائي فروٽ چوري ڪري کائيندو هوس. هن ٻڌايو آهي ته هو سندس دوست لاءِ پيار ۽ ننڍپڻ جون يادون کڻي آيو آهي. هن ٻڌايو آهي ته هن وزير اعظم سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پهريان (اپائنٽمنٽ) ڪونه ورتي آهي. هو سڌو پنهنجي دوست جي گهر ويندو.
عام ۽ سفيد رنگ جي پهراڻ ۾ هتان جي روايتي پڳ مٿي تي سڄائي جناب راجا ٻڌايو آهي ته هاڻ ته گاه ڳوٺ جو نقشو بدلجي ويو آهي پر پراڻو گڏيل کوهه اڃان به موجود آهي. اسڪول ۾ هاءِ اسڪول جو اڏاوتي ڪم شروع آهي ۽ هن اسڪول جو نالو ڊاڪٽر من موهن سنگهه جي نالي تي رکيو ويندو.
اهڙي ريت لاهور اسلام آباد روڊ ڊاڪٽر من موهن سنگهه جي آٻاڻي زمين مان گذرندو آهي. هن چيو آهي ته منهنجي ۽ منهنجي ڳوٺ لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر من موهن سنگهه ڀارت جو وزير اعظم آهي. اڄ هن سچ کنڊ سري هرمندر صاحب ۾ حاضري ڏني ۽ گورو گهر لاءِ پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.
هن کان اڳ اٽاري سرحد ۾ ڊي.اي.وي پبلڪ اسڪول امرتسر جي پرنسل محترمه نيرا شرما، سردار ايس. ايس. ڇينا، ڪسٽم جو ڊپٽي ڪمشنر وي.ڊي، چوڌري ۽ سردار جي.ايس.ڀٽي وغيره کيس ڀليڪار چيو. اسڪول جي شاگردن ڀليڪار چوندي جھمر پائيندا رهيا. اڄ 24 اپريل تي هتي ڊي.اي.وي پبلڪ اسوڪل ۾ هو اسڪول جي ٻارن سان ڳالهيون ڪيون ۽ خالصه ڪاليج جي تاريخي عمارت ڏسڻ کانپوءِ شام جي مهل ريل گاڏي تي دهلي روانو ٿيو.