هڪ وڏو پلازمه ٽي وي، ڊي وي ڊي پليئر، هڪ لک بهتر ڊالر کيسي ۾، ورزش ڪرڻ لاءِ به انتظام، ٻه فرج ۽ ڪجهه بندوقون، گنيلسن لينو ڊي سلوا وٽ زندگي جي هر سهولت موجود آهي جيڪو هن مهل برازيل جي هڪ جيل ۾ قيد آهي.
پر اها سموري عياشي سومر جي ڏينهن ختم ٿي جڏهن وڏي ڊبل بيڊ واري سندس سيل تي پوليس ريڊ ڪئي. پوليس جي اها ريڊ منشيات جي واپارين جي خلاف سيلوا دور شهر جي پوليس مهم جو هڪ حصو هيو.
پوليس ٻڌايو آهي ته سموري جيل ۾ فقط اهو قيدي اهڙيون سهولتون استعمال ڪونه ڪري رهيو هو. ٻي سيلز جي حالت اها آهي ته هڪ هڪ ۾ ڪيترا قيدي بند آهن ۽ اهو نوجوان هن سيل ۾ اڪيلو عياشي ڪري رهيو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي سلوا برازيل جي باهيا رياست ۾ منشيات جو سڀ کان وڏو واپاري آهي. گرفتار ٿيندي مهل هن چيو هو ته هن اهو سمورو مال ڪجهه پراڻي ڌاڙن ۽ جيل ۾ جوا کيڏي جوڙيو آهي.
رياست جي هڪ آفيسر پالو گومر جو چوڻ آهي ته هاڻي اسين اهو ڏسندا سين ته هو اها عياشي جيل انتظاميه سان گڏجي ته نه ڪندو هو؟ سندس چوڻ هو ته هن ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه ناهي جيڪڏهن اها خبر پئجي وڃي ته رياست ۾ اغوا، قتل، ڌاڙن ۽ منشيات جو ڪاروبار جيل ۾ ويهي ڪري سگهي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته جيل مان هڪ لک بهتر هزار ڊالر برآمد ٿيو آهي، جيل ۾ ايترو پئسو ڪٿان آيو؟