کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > توهان به 6100 ڊالر جو هنداڻو خريد ڪري سگهو ٿا؟

توهان به 6100 ڊالر جو هنداڻو خريد ڪري سگهو ٿا؟

ويچار ڊيسڪ
June 7th, 2008

جاپان ۾ جمعي جي ڏينهن هڪ هنداڻو 6100 ڊالر ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڪرو ٿيڻ وارو سڀ کان مهانگو هنداڻو آهي. 17 پونڊز وزني ڪاري رنگ جي هنداڻي جو نالو ”ڊين سوڪ“ آهي ۽ اهو جاپان جي اُتري جزيري هوڪيڊو ۾ پوکيو ويندو آهي. هن کي ميرين پروڊڪٽس جي هڪ واپاري خريد ڪيو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته هو مقامي زراعت جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو.

 

ٿوما اگريڪلچرل ڪارپوريشن جي ترجمان ڪازويوشي اوهيرا جو چوڻ آهي ته هن نسل جو هنداڻو سڀ کان مهانگي نسل جو آهي. جڏهن ته ٻي اسٽورن تي اهڙا هنداڻا 188 کان 283 ڊالرز ۾ وڪرو ٿيندا آهن. پوءِ هن هنداڻي ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي جو هن جو مُلهه 6 هزار ڊالرز کان به وڌيڪ آهي؟

 

جي ها! اوهيرا جو چوڻ آهي ته ”هن جي مُلهه جو ڪارڻ هن جو مختلف رنگ ۽ مختلف مزو آهي. سندس چوڻ آهي ته هي آهي ته هنداڻو. پر لڳندو آهي.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com