شيدي کي هونئن اها موج آهي جو هن وٽ رنگين ۽ هر نسل جا ماڻهون ايندا آهن ۽ رنگ رنگ جون خبرون ٻڌائيندا آهن. اڄ مونکي ٻڌائي رهيو هو ته هڪ گراهڪ شنگهائي چين کان موٽي آيو هو. هن چيو ته جن آمريڪين کي آمريڪا ۾ روزگار ڪونه ملندو اهي هو چين ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ سوين آمريڪي نوجوان رڳو شنگهائي ۾ نوڪري ڪندا آهن.
مان چيو شيدا اهي نالائق آمريڪي هوندا نه ته سموري دنيا آمريڪا ڏانهن ڀڄندي ويندي آهي ۽ آمريڪي چين ڏانهن وڃي رهيا آهن؟ ماڻهون ڀينڊ هڻڻ مهل به ڪجهه سوچيندا آهن.
شيدو کلي رهيو هو، چيائين تون بالڪل صحيح چوندو آهي پر هن ماڻهون جو چوڻ آهي ته هن جيترا به آمريڪي شنگهائي ۾ ڏٺا هو اعلي تعليم يافته هئا ۽ وڏيون وڏيون نوڪريون ڪري رهيا هئا. هن ماڻهون ڪجهه آمريڪين کان پڇيو هيو ته توهان هتي ڇو آيا آهيو، ته هن ماڻهون جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ هر شئي چين کان ٺهي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وينديون آهن ته پوءِ نوڪريون به ته چين ۾ ئي هونديون نه!
سندس ڳالهه ٻڌي مان حيران ٿي ويس، پر منهنجي دل تي هن ڳالهه جو ڏاڍو اثر ٿيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ چين جون شئيون وڪرو ٿينديون آهن ته پوءِ نوڪريون به ته چين ۾ ئي هونديون نه.
مان هن ڪشمڪش ۾ گهر اچڻ کانپوءِ انٽرنيٽ تي جاچ ڪئي، شيدي جو ماڻهون بالڪل سچو هيو. مان هڪ 23 ورهين جي آمريڪي ڇوڪري جو انٽرويو پڙهيو جيڪو نيويارڪ کان اچي شنگهاري ۾ ليکڪ جي نوڪري ڪري رهيو هو.
هن ڇوڪري چيو ته مونکي نيويارڪ ۾ ليکڪ جي نوڪري ڪڏهن به نه ملي سگهي ها. هتي مان پنهنجي ماءَ کي ايلاز ڪر يڪار جي رائيڊ وٺندو هوس. هتي شنگهائي ۾ مونکي اعلي نوڪري ملي آهي. هڪ ڪم ختم ٿيندو آهي ته ٻيو ملي ويندو آهي.
ٻي ڏينهن مان شيدي کي ٻڌايو ته تنهنجو ماڻهون بالڪل صحيح چوندو هو ته آمريڪين جو آمريڪا چين آهي. پوءِ مان پڇيو شيدا، اسانجي پاڪستان جو ڇا ٿيندو“ اسانجو آمريڪا بڻجڻ جو نمبر ڪونه ايندو؟
شيدي زور سان کلندي چيو اسانجو حال مراثي جي ڇوڪري جهڙو آهي جنهن چيئرمين جي مرڻ کانپوءِ سندس ماءُ کان پڇيو هو ته امڙ هاڻي چيئرمين ڪير هوندو ته ماءُ چيو هو ته چيئرمين جو پُٽ ئي نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويندو. ڇوڪري سندس امڙ جي پچر ڪونه ڇڏي ۽ لاڳيتو پڇندو رهيو ته جيڪڏهن اهو به مري ويو ته پوءِ؟
مان بيزار ٿي ڪري چيو ”ڏس پُٽ جيڪڏهن سڄو ڳوٺ به مري ويندو تڏهن به توکي ڪو به چيئرمين ڪونه ٺاهيندو“.
۽ بونگا سموري دنيا ٻُڏي ويندي تڏهن به پاڪستان آمريڪا ڪونه بڻجي سگهندو.