کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > لاشن جي وچ ۾ ڳجھن جو سيڪس: ڪام بخش جنوني

لاشن جي وچ ۾ ڳجھن جو سيڪس: ڪام بخش جنوني

ڪام بخش جنوني
June 13th, 2008

الاهي ڏينهن کان سوچي رهيو آهيان ته توهان سان ڳالهه ٻولهه ڪريان ۽ توهانکي مزيدار خبرون ٻڌايان. پر خبرون پڙهڻ جو دل نه ڪندو آهي. هتي ماڻهن کي ماني جي ڳڻتي آهي ته جنس جو ڪو ڇا ڪندو؟ پر مونکي ڀئو آهي ته ٻُکايل ماڻهون پنهنجي سموري طاقت ۽ زور ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا ۽ وڌيڪ ٻُکيا وي ويندا. رب ڄاڻي ٿو ته ٻُکيا اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ڪندا آهن؟

 

هن ڳالهه کان ياد آيو آهي جو ڪنهن محقق خفيه ڪئمرا هڻي معلوم ڪيو ته چين جو پانڊه ڪهڙي طرح جنسي فعل ڪندو آهي. خبر ڪونهي ته ريسرچ ڪندڙن کي چانڊه جا خفيه جنسي راز ڳولهي ڇا مليو هوندو؟ جي، هن کان اهو ضرور معلوم ٿي سگهيو هوندو ته ماڻهن کي هڪ ٻي جا جنسي راز معلوم ڪرڻ جي ٺرڪ آهي.

 

مان ٻڌو آهي ته عورتون هڪ ٻي کي سڄي تفصيل ٻڌائينديون آهن. انڪري اهو لطيفو ٺهيو هوندو جو هڪ عورت ٻي کان پڇيو ته ماڻهون پاڻ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن؟ ٻي چيو جيڪي اسين ڪندا آهيون. پهرين عورت چيو ”هاءِ منهنجا رب، ڪيترا ڪنا آهن“.

 

پر مان اهو ٻڌائي رهيو هوس ته مان ڇو نه لکندو آهيان؟ سچ ڳالهه آهي ته جڏهن به روز اخبار ۾ آپگهات جي باري پڙهندو آهيان ته هنن مان ستر کان وڌيڪ سيڪڙو عورتون هونديون آهن ۽ عورتون به جوان يا جوان مائرون، ته منهنجو دل اُداس ٿي ويندو آهي، منهنجي آڏو موئل نوجوان ڇوڪريون ۽ عورتن جون لاشون ٽنگيل ڏسڻ ۾ اينديون آهن، مان جنس باري ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان؟

 

مونکي محسوس ٿيندو آهي ته هنن جو اُهي ڀينريون جن اڃان خودڪشي ڪونه ڪئي آهي هو به لاشون آهن جن سان اڌ مرل مرد ائين جنس ڪندا آهن جيئن چرسي ٿوري مزي لاءِ چرس سان ڀريل سگريٽ ڇڪندا آهن. لاشن جي پاڻ ۾ ڪهڙي جنس ۽ هن تي ڇا لکان.

 

سوچيندو آهيان ته رڳو امير ماڻهن باري لکان جن کي ڪو به ڳڻتي ڪونهي ۽ گهرن ۾ نصب ٿيل جنريٽر بيڊ روم به ٿڌا ڪندا آهن. پر بعد ۾ اهو محسوس ٿيندو آهي ته اهي به مردارن جي جنس آهي. آسي پاسي کنڊريل لاشن جي وچ ۾ ڳجھون ئي عيش ڪنديون آهن. زنده ماڻهون ته لاشن جي بدبو سان مري ويندو آهي. ٻڌايو هنن ڳجھن جي باري لکيان جيڪي لاشن جي بدبو ۾ اڳ ۾ بليو فلمون ڏسنديون آهن ۽ پوءِ جنس ڪرڻ جو ڊرامو ڪنديون آهن!

 

ٻڌايو مان ڇا لکان؟

 


 

 

Powered by: PHPCow.com