کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ڪام بخش جنوني: هم جنس شادي: ملڪيت جو مسئلو

ڪام بخش جنوني: هم جنس شادي: ملڪيت جو مسئلو

ڪام بخش جنوني
June 20th, 2008
5 / 5 (2 Votes)

ويچار ڊاٽ ڪام تي اها خبر پِڙهي جو ڪيليفورنيا ۾ هاءِ ڪورٽ جي اجازت کانپوءِ هم جنس جوڙن جي شادين جو سيلاب آيو. مونکي يقين آهي جو هن جو تعلق جنس کان وڌيڪ ملڪيت ۽ جائيداد ۽ ٻي دنيا داري جي ضرورتن سان آهي. ويچار جي تصوير ۾ جن ٻن عورتن کي شادي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي اهي ٻئي 90 ورهين کان وڏيون آهن ۽ هن عمر ۾ جنس ونس جو ڪيترو رول ٿي سگهي ٿو؟ هن ڳالهه جو اشارو مونکي هن فلم کان ٿيو محسوس ٿيو جيڪا مونکي آمريڪا کان آيل هڪ دوست ڏيکاري هئي، کيس اها فلم ڇو پسند هئي ۽ هن پاڪستان آڻي مونکي خاص طور تي ڇو ڏيکاري هن باري مان ڪافي عرصي کان مونجھاري ۾ آهيان.

 

اها فلم ٻه هم جنس پوڙهي زائفن جي باري هئي جن سڄي حياتي هڪ جوڙي وانگر زندگي گذاري. هنن مان هڪ زائفان وڻ کان ڪري مري وئي ۽ ٻي برباد ٿي وئي. جذباتي بربادي نه معاشي به ڇاڪاڻ ته مڪان مرڻ واري عورت جي نالي هيو جڏهن ته ٻنهي زائفن اهو گهر خريد ڪيو هو. مري ويل عورت جي ڀائيٽي اچي ڪري مڪان تي نه بلڪ هر ننڍي وڏي شئي تي قبضو ڪيو، هنن ننڍي يادگار شئين تي به جيڪي ٻنهيءَ جي پيار جون نشانيون هيون.

 

مونکي يقين آهي جو ويچار ڊاٽ ڪام جي خبر واريون ٻئي 90 ورهين کان وڏيون عورتن جي شادي جي پوئتي به اها ڳالهه هوندي جو جيڪڏهن هنن مان هڪ مري وڃي ته هن جي وراثت ٻي ڪنهن کي ملڻ بدران سندس همسفر کي ملي. مان اهو به ٻڌو آهي جو آمريڪا ۾ بعض سهولتون رڳو شادي شده جوڙن کي ملنديون آهن. مثال طور جيڪڏهن مرد کي پنهنجي ڪم پاران هيلٿ انشورنس ملي آهي ته هو سندس ذال ۽ ٻارن کي ملندي. جيڪڏهن سندس ذال نوڪري ڪندڙ هجي ته مرد کي ساڳيون سهولتون ملنديون آهن. پر جيڪڏهن هم جنس جوڙو بڻجي ڪري سڄي حياتي گڏ رهن ته به کين اهي سهولتون ڪونه ملي سگهنديون. پر هاڻي جيڪڏهن هو قانوني طور تي شادي شده آهن ته پوءِ کين سموريون سهولتون شادي شده جوڙي وانگر ملنديون.

 

ڪجهه ڏاهن اها ڳالهه جاچ ذريعي به ثابت ڪئي آهي جو دنيا ۾ شادي، خاندان ۽ ذاتي ملڪيت جا اداره هڪ ٻي جي سبب وجود ۾ آيا آهن. جڏهن ڪجهه عورتون، ماڻهن جي زمين ۽ ڪجهه ٻين شئين جون مالڪ بڻجي ويون ڇاڪاڻ ته اهي چاهيندا هئا جو سندن لڪيت هنن جي نطفي مان پيدا ٿيندڙ ٻارن کي ملي ڪنهن غير کي نه ملي. هوريان هوريان مالڪي جو نظام خدائي نظام بڻجي ويو ۽ معاشري ۾ اهو نظام رب جو نظام آهي. جڏهن ته پراڻي دور ۾ جڏهن ماڻهون فطرت جي تمام ويجھو هيو تڏهن اهڙو ملڪيت جو نظام ڪونه هيو.

 

هاڻي توهان هن کي ٻي پاسي کان ڏسو جو هم جنسي صحيح آهي يا خراب پر اها معاشري جي ريت جي خلاف آهي. هڪ طرح هلندڙ معاشري جي اُٻتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته هم جنسي ۾ ٻار جي تخليق ڪونه ٿي سگهي ٿي ۽ ان ڪري ملڪيت جو وارث پيدا نه ٿو ٿي سگهي. پر توهان ڏسو جو ملڪيت ۽ وراثت جو ادارو ايترو سگهارو ٿي چُڪو آهي جو هم جنسن کي جائيداد، ملڪيت ۽ ٻين سهولتن لاءِ شادي جي ڊگري جي ضرورت آهي. ان ڪري نيٺ ذاتي جائيداد ۽ ملڪيت جو کاتو ڪامياب ٿي ويو آهي.

 

سائين

 

علم جون ڳالهيون منشي علم دين ڄاڻي

باقي ته دنيا تي اڄايو ڌوڙ ڇائجي رهي آهي

 


 

 

Powered by: PHPCow.com