کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ڇهه فٽ طويل نانگ ڏهين ماڙي جي غسلخاني ۾ گهڙي ويو

ڇهه فٽ طويل نانگ ڏهين ماڙي جي غسلخاني ۾ گهڙي ويو

ويچار ڊيسڪ
June 22nd, 2008

آسٽريليا جي اُتري جھنگلي شهر ڊراون ۾ هڪ بُلند عمارت جي ڏهين ماڙي جي هڪ گهر جي غسلخاني مان هڪ ڇهه فٽ طويل نانگ نڪري آيو. نانگ پڪڙيندڙ ڪرس پيبرڊي جو چوڻ آهي ته هي ڪاري مُنڍي وارو نانگ ڪنهن جو پالتو آهي ۽ اهو گٽر جي پائپن مان ٿيندو هتي پهچي ويو آهي.

 

ڪرس جو چوڻ آهي ته جڏهن هن ايتري وڏي نانگ کي ڏهين ماڙي جي غسلخني ۾ ڏٺو ته هو اچرج ۾ پئجي ويو. گٽر جي پائپن کان علاوه هن گهر تائين پهچڻ جو ڪو ٻيو ذريعو ڪونه ٿي سگهي ٿو. ڪرس جو چوڻ آهي ته نانگ پڪڙڻ کانپوءِ کيس ڌوئڻو پيو ڇاڪاڻ ته گٽر جي پائپن اندر هجڻ سبب هن کان تمام ڌپ اچي پئي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com