هڪ ته مان شيدي ۽ سندس ڳوٺ جي ڪهاڻين کان بيزار ٿي چُڪو آهيان. چوندو آهي ته هن ڪهاڻي ۾ به رمز آهي، هاڻي توهان ٻڌائجو ته هن ۾ ڪهڙي رمز آهي جيڪا آئون سمجھي ڪونه سگهيو هوس.
چيائين، جڏهن کان وٺي وڏي وڏيري مري آهي مهر عثماني جي رياست ٺس ٿي ئي آهي. هو اليڪشن مٿان اليڪشن هارائي رهيو آهي حالانڪ هن پنهنجي ارد گرد چالاڪ ۽ هوشيار ماڻهون گڏ ڪيا آهن جن مان ڪجھه ته آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کان اچي ڪري چوڌري کي صلاح ڏيندا آهن. پر چوڌري جي موئل ٻڪري کي ڪير زنده ڪري سگهندو. هاڻي محسوس ٿيندو آهي ته چوڌري عثماني جي ڪو راند ئي ڪونه هئي سموري راند ته وڏيري جي هئي، هن کي اها وڏيرائپ وراثت ۾ سندس پيءُ کان ملي هئي.
دراصل مهر سيف ئي علائقي جو وڏيرو هيو، ۽ سندس هڪڙي ڌي هئي. هن سندس ڌي جي شادي مهر عثماني سان ڪئي جيڪو فقرا ۽ لوفر ڇوڪرو هيو. خبر ڪونه آهي جو مهر صاحب هن لوفر ڇوڪري ۾ ڇا ڏسي ڪري پنهنجي ڌيءُ جو رشتو هن کي ڏنو هو. منهنجو خيال آهي جو سيف ڏاڍو ڳُڻي ۽ ماڻهون شناس مشهور هيو، هن سوچيو هوندو جو اهو لوفر مڙس بالڪل ائين ڪندو جيئن منهنجي ڌي ڪرائيندي. ۽ بالڪل ائين ئي ٿيو. مهر سيف اکين بند ڪيون ۽ سندس ڌيءُ، وڏيري عثماني کي اليڪشن ۾ بيهاري ڪامياب ڪرايو.
وڏيري بيشمار صلاحيتن جي مالڪ هئي. هر ڳوٺ جي وڏي گهرن جي هر ڇوڪري ڇوڪري جو نالو ياد رکندي هئي ۽ سندن خوشي غم ۾ موجود رهندي هئي، هو ته مون جهڙي خادم جو نالو به ياد رکندي هئي ۽ جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته ائين ملندي هئي جيئن ته سڀنيءَ جي امڙ هجي، شهر جي حلقي ۾ هر ٻي گهر ۾ هن ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري ڇوڪريءَ کي ڌيءُ پُٽ بڻايو هو. کيس اهو سڀ ڪجهه سندس پيءَ کان وراثت ۾ مليو هو ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه مهر سيف جي وراثت هئي، هو به بالڪل ائين ئي ڪندو هو.
هاڻي توهان ٻڌايو ته جيڪو ماڻهون عوام جي ايترو ويجھو هجي هو اليڪشن ڪيئن هارائي سگهي ٿو؟ وڏيري سندس پيءَ جي ريت جاري رکي جنهن ڻ اهو به شامل هيو جو ڪنهن به ماڻهون جي بيعزتي نه ڪجي ڀلي هو ڪيترو ئي مغرور ڇو نه هجي. وڏيري جون اهي خوبيون ئي عثمائي کي هر اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائينديون هيون. حالانڪ عثمانو سندس ذال جي هر ماڻهون سان ملڻ تي شڪ ڪندو هو. هو اڪثر چوندو هو ته منهنجي ذال بيوقوف آهي، اڄايو ڳوٺاڻن ۽ ننڍي ماڻهن سان پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪندي آهي. پر وڏيري جو پنهنجو رويو هيو ۽ هن سڄي حياتي تائين عوام سان ساڳيو رويو رکيو.
جڏهن وڏيري لاڏاڻو ڪري وئي ته مهر عثماني کي پر لڳي ويا. هن پنهنجي دوستن کي لائسنس ڏيارائڻ سان گڏ ٻيا خراب ڪم به شروع ڪري ڇڏيا. ماڻهن سان وڏيري جهڙو رشتو ٽوڙي ڇڏيو. جڏهن اليڪشن آيو ته هن شهر کان شاتر ۽ چالاڪ ماڻهن جي ٽيم گهرائي ۽ هنن سان صلاح مشورو ڪيو جو اليڪشن ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيڻو آهي، مهر عثماني اهو سڀ ڪجهه ڪيو جيڪو چالاڪ ماڻهن جي مجلس چيو. هن اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي تي اشتهار ڏئي پئسو برباد ڪيو، پر اليڪشن ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو. بلڪ هاڻي ته ٽي اليڪشن هارائي چُڪو آهي.
هو اڃان تائين سمجھي ڪونه سگهيو آهي ته مهر سيف ۽ سندس ڌيءُ ڇا ڪندا هئا ۽ ڪيئن ڪندا هئا. هو سمجھي ڪونه سگهيو آهي نه وري سمجھي سگهندو ۽ مهر سيف جي ڪمائي ختم ٿي ويندي.
سائين، هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته شيدي جي هن ڳالهه ۾ ڪهڙي رمز آهي؟ سالي هڪ علائقي جي سياستدان جي سڌي ڪهاڻي آهي. پر هو چوندو آهي ته هن ڪهاڻي ۾ سمجھڻ وارن لاءِ وڏي رمز آهي؟ توهان ٻڌايو ته ڪهڙي رمز آهي؟