پاڪستان ۾ پيٽرول جو مُلهه 75 رپيه ۽ ڊيزل جو مُلهه 55 رپيه تائين پهچي ويو آهي ۽ اُميد آهي جو ايندڙ بارهن مهينن تائين پيٽرول جو مُلهه 125 رپيه ۽ ڊيزل جو مُلهه 105 ليٽر تائين پهچي ويندو. ڇاڪاڻ ته اهو طريقو آهي پيٽرول ۽ سرڪاري ڍر کي ختم ڪرڻ جو.
مُلهه ۾ ٿيل هن اضافي سان وسعتن جي اُپت لاگت، وسعتن جو خرچ به وڌي ويندو ۽ ائين ملڪ ۾ وسيلن جي گڏيل ورهاسي ٿئي نه ٿئي پر غريب جي ورهاست جو خواب ضرور پورو ٿيندو.
جن ماڻهن وٽ ذاتي سواري آهي هاڻي اهي پنهنجي ٻارن سان وڌيڪ وقت گذاريندا. ڇاڪان ته هڪ سئو پنجويهه رپيه ليٽر پيٽرول ۾ توهان وڌ کان وڌ ڪم لاءِ وڃڻ ۽ پوءِ سڌو گهر موٽڻ جي عياشي ڪري سگهندا. مهمانن جي اچ وڃ گهٽجي ويندي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مهمان توهانجي خلوص کان اڳ توهانجي گھر تائين ڪلوميٽر جي پيمائش ڪندا. ماني حساب سان پچائي ويندي ۽ ڍءُ ڪري کائڻ جي ڪني عادت به ختم ٿي ويندي جنهن سان خاندان جي صحت به صحيح ٿيندي ۽ خرچ به ڪنٽرول ۾ رهندا.
اڃان تائين 73 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ هيٺ آهي. پر پيٽرول جي مُلهه ۾ ٿيندڙ اضافو ڏسي ائين لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين غربت جي ليڪ غريب کان به هيٺ ٿي ويندي.
ڪارل مارڪس چيو هو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ آهي ڇا سواءِ ٻيڙن جي. اڄ ڪارل مارڪس زنده هجي ها ۽ ٻيڙي لاءِ سگنل وٺڻ وڃي ها ته کيس سمجھه اچي ها ۽ هو رڙيون ڪندي چوي ها ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ آهي ئي ڇا سواءِ پنهنجي پاڻ جي!
بي بي سي جي ٿورن سان