کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > عمر ۾ ڇا رکيو آهي

عمر ۾ ڇا رکيو آهي

ويچار ڊيسڪ
July 5th, 2008

72 ورهين جي پوڙهي جنهن جون ٻه ڌيئرون ۽ پنج ٻارن جون مائرون آهن اها زائفان ٻه جوڙا ٻار پيدا ڪري دنيا جي سڀ کان وي ماءُ بڻجي وئي آهي.

 

اوم ڪاري پنوار جي گهر پوئين هفتي ميجر آپريشن سان هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪرو پيدا ٿيا آهن. ٻارن جي 75 ورهين جي پيءُ چرم سنگهه جو چوڻ آهي ته هو تمام خوش آهي. چرم سنگهه وڏي ڪوششن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ايتري عمر ۾ ٻار پيدا ڪري ماڻهن کي ندامت ٿيندي آهي. هندستاني رياست اُتر پرديش ۾ سندس ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻهن کيس بُرو ڀلو ڳالهايو پر هن ۽ سندس ذال خوش آهن.

 

چرم سنگهه جو چوڻ آهي ته ”اسانجي دلي خواهش هئي ته رب اسانکي پُٽ عطا ڪري. پر رب اسانجي ڪونه ٻڌي هئي. پر هاڻي اسين رب جو شڪر ادا ڪندا آهيون جو هن اسانجون دعائون قبول ڪيون آهن“.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com