کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > آڪسفورڊ يونيورسٽي جو 17 ورهين جو پي ايڇ ڊي

آڪسفورڊ يونيورسٽي جو 17 ورهين جو پي ايڇ ڊي

ويچار ڊيسڪ
July 9th, 2008

برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي هانگ ڪانگ جي 17 ورهين جي هڪ نوجوان کي پي ايڇ ڊي ۾ داخلو ڏيڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان هو مشهور يونيورسٽي جو پي ايڇ ڊي ۾ سڀ کان گهٽ عمر جو شاگرد هوندو.

 

هوراتيو بوديهار جو 14 ورهين جي عمر ۾ آڪسفورڊ جو ”انڊر گريجويٽ بڻيو هو ۽ هاڻي يونيورسٽي کيس ميٿس جي مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن کان اڳ سندس ڀاءُ ”مارچ“ نو ورهين جي عمر ۾ يونيورسٽي ۾ داخلا حاصل ڪري هانگ ڪانگ جو سڀ کان گهٽ عمر جو يونيورسٽي جو شاگرد بڻجي ويو هو.

 

هواتيو جو چوڻ آهي ته هو پڙهي لکي ڪري مائيڪرو سافٽ جي بيل گيٽس جهڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاٿي ٿو. ”مارچ“ دنيا جي نظرن ۾ تڏهن آيو هو جڏهن هن هانگ ڪانگ جي هڪ يونيورسٽي ۾ ميٿس جو ڪورس شروع ڪيو هو. هن مهل سندس چوڻ هو ته آئون ”آسان ڪلاسز“ ۾ پڙهي ڪري بور ٿي رهيو آهيان.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com