جاپاني وڪيل 55 ورهين جي هڪ پوسٽ مين نوبرو ناڪامورا لاءِ ريليون ڪڍي رهيا آهن جنهن کي سندس باس حڪم ڏنو آهي ته نئين دور سان هلڻ لاءِ هو سندس مُڇون ڪوڙائي. اوساڪا جي بار ايسوسيئشن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مين کي ڏنل حڪم عوامي حقن جي خلاف آهي.
بار جي هڪ وڪيل ڪازو جو چوڻ آهي ته مُڇون رکڻ هر ڪنهن جو پنهنجو ذاتي مامرو هوندو آهي ۽ هن کي ذاتي ئي رهڻ گهرجي. نوبرو ناڪامورا 1990 ۾ مُڇون رکيون هيون. سال 2004ع ۾ جڏهن جاپاني پوسٽ کاتي ۾ ترقي لاءِ نوان اصول لاگو ڪيا ويا تڏهن کان وٺي هن جي ۽ سندس سُپروائيزر ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي.
ناڪامورا جو چوڻ آهي ته ”آئون پنهنجي مُڇن جي حد کان وڌيڪ سار سنڀار ڪندو آهيان ۽ منهنجو خيال آهي ته منهنجي مُڇن سان ڪنهن گاهڪ کي اعتراض ڪونهي. منهنجي ٻين ڪيترن ئي دوستن کي سندن مرضي جي خلاف ڪلين شيو ٿيڻو پيو. پر مونکي اها ڳالهه قبول ڪونهي. الاهي جاپانين جو خيال آهي ته ڏاڙهي مُڇون ڪوڙائڻ نه گهرجن.