جمعي جي ڏينهن ميڪسيڪو شهر ۾ هڪ بي بي ڊائپر مان عجيب مواد مليو. اها تقريبن پنج لک ڊالر جي رقم هئي.
سپاهي پنهنجي روٽين چيڪنگ ڪري رهيا هئا جڏهن کين هڪ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ڊائيپر مليا جن ۾ چار لک نوي هزار ٽي سئو ڊالر هئا.
اهو ٽريڪٽر هن علائقي مان آيو هو جتي نشي جي دوائن جو ڪاروبار چوٽي تي آهي. لڳي ٿو ته اهي ڊالر ڪنهن هنڌ پهچائڻ لاءِ رکيا ويا هئا.
ڊرائيوار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.