جڏهن هڪجهڙي صورت جي 2 ڀينرين ڊيان ۽ ڊارلين هڪ جهڙي صورت جي ٻن ڀائرن گريڪ ۽ مارڪ سان 10 سال پهريان شادي ڪئي ته کين اهو اندازو ڪونه هيو ته سندن جوڙي ۽ جاڙا ڪيترا بهترين هوندا.
ٽيڪساس ۾ رهندڙ انهن جاڙن کي هڪ ٻي سان عشق ٿيو ۽ اُهي گهمڻ ڦرڻ لاءِ لاس ويگاس ويا جتي تاش کيڏندي هنن هزارين ڊالر کٽيا. جڏهن هنن ڏٺو ته اُهي جاڙا هنن لاءِ خوشنصيب آهن ته انهيءَ ڏينهن هنن مڱڻو ڪري ورتو ۽ گڏ شادي ڪري هڪ ٻي جي ويجھو گهر وسايو.
جلدي هنن سان هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جيڪو لکن ماڻهن مان ڪنهن هڪ سان ٿيندو آهي. ڊيان ۽ گريڪ جي گهر هڪجهڙي صورت وارا جاڙا ٻار ڪولبي ۽ بريڊي ڄاوا. ۽ ٻيه جوڙي جي گهر هڪجهڙي صورت جون ٻه ڇوڪريون ڄايون.
هاڻي اُهي جاڙا ڇوڪرا 7 ورهين جا ٿي چُڪا آهن ۽ سندن والدين گريڪ ۽ ڊيان سندن ٻارن سان گڏ اوهائيو ۾ ٿيندڙ جاڙن جي هڪ ميلي شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. ”جاڙن جو ڏينهن“ هڪ ساليانو جلسو آهي جتي عام طور تي هڪجهڙي صورت جا جوڙا ڀيڻ ڀائر هڪجهڙا ڪپڙا پائي گڏ گهمندا آهن.