پئرس هلٽن آمريڪا جي سڀ کان وڏي گو گو گرل آهي. اُها هلٽن هوٽل وارن جي اڪيلي وارث آهي. هو سندس اڌ اُگهاڙي تصويرون ڇڪرائڻ ۽ شراب پيئڻ کانپوءِ ڪار هلائڻ لاءِ بدنام آهي. هو ڪجهه ڏينهن تائين جيل ۾ به قيد رهي آهي.
ڪجهه ڏينهن پهريان جان مڪين صاحب سندس صدارتي اُميدوار باراڪ اوبامه کي بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ اشتهار جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته اوبامه به پئرس هلٽن جهڙي مشهور هستي آهي، جيڪي مشهور ته آهن پر هنن وٽ پروگرام ناهي.
پئرس هلٽن جي ماءُ جان مڪين کي چندو ڏيڻ ۾ سڀ کان اڳتي هوندي آهي جنهن هن قسم جي اشتهار تي اعتراض ڪيو. هاڻي پئرس هلٽن، جان مڪين جي خلاف هڪ اشتهار ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو آهي جنهن ۾ جان مڪين تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ هن سان ڪنو مذاق ڪيو ويو آهي. کيس پوڙهو چيو ويو آهي.
باقي اوهان هيٺ ڏنل وڊيو لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا.
http://www.wichaar.com/videos/paris-hilton/paris-hiltons-ad-in-reponse-to-john-mccains-video-video_353d7cb52.html