کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > جرمني ليڊي پوليس لاءِ بُلٽ پروف بريزر

جرمني ليڊي پوليس لاءِ بُلٽ پروف بريزر

ويچار ڊيسڪ
August 8th, 2008

جرمني پوليس ليڊي پوليس لاءِ بُلٽ پروف بريزر تيار ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صفيد ڪاٽن جون جيڪٽون جن جي پٺيان لفظ ”پوليزي“ (پوليس) لکيل آهي هنن ۾ اُهي شئيون ليڊي پوليس کي پسند ناهن جيڪي بُلٽ پروف بريزر پائينديون آهن.

 

پوليس جي هڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته عام ڊريس جي هيٺ لوهه جون پليٽون پائڻ ۾ ڏاڍو خطرو آهي. جيڪڏهن بُلٽ پروف جيڪٽ تي گولي لڳندي ته هن جو اثر بريزر ۾ لوهه جي پليٽن تي به ٿي سگهي ٿو جنهن سان سينو زخمي ٿي سگهي ٿو.

 

ترجمان ٻڌايو آهي ته جرمني جي فيڊل پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ ٽي هزار جي ويجھو عورتن لاءِ نئوين بُلٽ پروف بريزر تيار ڪرايون ويون آهن جن ۾ لوهه جون پٽيون نه هونديون ۽ اُها ليڊي رانديگر جي بريزر وانگر محسوس ٿينديون.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com