نائجيريا جي محمد بيلو ابوبڪر جي ڄمار 84 سال آهي ۽ سندس ذالون 86 آهن. پر ابوبڪر ٻين مردن کي هڪ مشورو ڏيندو آهي ته سندس شادين کي مثال نه سمجهڻ پر اهو به نه ته هو سندس فيصلي تي پشيمان آهي. ابوبڪر جا 86 ذالن مان 170 ٻار آهن ۽ هو نائيجيريا جو رهواسي آهي. ابوبڪر جو چوڻ آهي ته رب جي رحمت سان سندس ذالن سان خوش آهي ۽ پرسڪون زندگي گهاري رهيو آهي.
ابوبڪر بي بي سي ورلڊ کي ٻڌايو آهي ته ”هڪ ماڻهون جون جيڪڏهن ڏهه ذالون هجن ته سندس جيئڻ حرام هوندو آهي پر رب مونکي طاقت ڏني آهي جنهن سبب آئون 86 ذالن کي سنڀالي رهيو آهيان.“ ماضي ۾ هڪ ايجيوڪشنسٽ ۽ اسلام ڦهلائيندڙ ابوبڪر جو چوڻ آهي ته سندس ذالن بيمارين کان جان ڇڏائڻ لاءِ سندس شهرت ڏسي ڪري هن سان شادي ڪئي.
ابوبڪر جو چوڻ آهي ته آئون ذالن وٽ نه ويندو آهيان بلڪ اُهي مون وٽ اينديون آهن. پر نائيجيريا جي اسلامي اڳواڻن سندس دعوي کي تسليم نه ڪندي سندس خاندان کي بُرو چيو آهي. اسلامي اُمور جي ڪيترن ئي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهون سندس ذالن کي برابر جو حق ڏئي سگهي ته هو هو چار شاديون ڪري سگهي ٿو. پر ابوبڪر جو چوڻ آهي ته قرآن پاڪ ۾ چار کان وڌيڪ شاديون ڪندڙ ماڻهن لاءِ ڪنهن طرح جي سزا باري ڪو به فرمان ناهي.
ابوبڪر جي ذالن مان الاهي ذالن جي عمر پنجويهه سال کان به گهٽ آهي ۽ سندس ذالن بي بي سي ورلڊ کي ٻڌايو آهي ته اُهي ابوبڪر وٽ سندن بيمارين جو علاج ڪرائڻ جي مقصد سان آيون هيون ۽ ابوبڪر جي مدد سان سندن بيماري ختم ٿي وئي آهي. سندس هڪ ذال ٻڌايو آهي ته جيئن ئي ابوبڪر سان منهنجي ملاقات ٿي ته منهنجي مٿي جو سور ختم ٿيندو رهيو.
رب سائين مونکي ٻڌايو ته هاڻي هن سان شادي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. الله جو شڪر آهي ته منهنجي شادي ابوبڪر سان ٿي آهي. بيلو ابوبڪر ۽ سندس ذالون نوڪري نه ڪنديون آهن ۽ ايتري وڏي خاندان جي آجپي لاءِ هنن وٽ ڪو وسيلو ناهي. هڪ مهل جي ماني لاءِ کين ٻارهن ٻارهن ڪلو جا ٽي پيڪٽ ملندا آهن ۽ هر ڏينهن کائڻ جو خرچ 915 ڊالر آهي.
ابوبڪر اهو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو آهي ته سندس خاندان جو گذارو ڪيئن ٿيندو آهي. سندس چوڻ آهي ته ”صرف رب جي مهرباني آهي“. ابوبڪر جي هڪ ذال ٻڌايو آهي ته ڪڏهن ابوبڪر سندس ٻارن کي ماني پنڻ لاءِ چوندو آهي.
ابوبڪر ماڻهن جو علاج ڪندو آهي پر ڪڏهن به دوا ڪونه ڏيندو آهي. سندس چوڻ آهي ته آئون مريض کي ڏسي ڪري مرض جي باري ٻڌائيندو آهيان ۽ هوريان هوريان هن بيماريءِ جو علاج ڪندو آهيان.
پر ڪڏهن ڪڏهن ابوبڪر علاج ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو آهي. ابوبڪر جي هڪ ذال حفست بيلو محمد جو چوڻ آهي ته سندس ٻه ڌيئرون مري ويون آهن.