سنڌ اسيمبلي ۾ خمس تي ان مهل ٽهڪن جو سلسلو شروع ٿيو جڏهن اپوزيشن جي عورت رُڪن نصرت سحر عباسي جي عورتن کي نوڪرين ۾ 33 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ باري قراردار تي خيرپور کان پيپلز پارٽي جي رُڪن سيد بچل شاهه سندس خيالن جو اظهار ڪيو.
سيد بچل شاهه جو چوڻ هو ته ايشياء ۾ مرد عورتن جو آڌر ڀاءُ ڪندا آهن. هن سندس مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو ته عورتن لاءِ ڪمائيندي اسين ٺوڙها ٿي چُڪا آهيون. هن ڳالهه تي ايوان ۾ ٽهڪن جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ آيو. اڳتي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ننڍپڻ ۾ امڙ ”بُجا“ (لعنت) ڏيندي هئي، هاڻي گهر واري ڏيندي آهي. هن تي به ايوان ۾ ٽهڪن جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو.
سينيئر وزير پير مظهر الحق جو چوڻ آهي ته بچل شاهه اسانجي لاءِ قابل عزت آهي پر شاهه صاحب گهر جون ڳالهيون هتي نه ڪن. سيد بچل شاهه جو چوڻ آهي ته منهنجو گهر پير صاحب جي گهر جي ويجهو آهي ۽ مونکي هن جي به خبر آهي. هن ڳالهه تي به سمورا ممبر کلي رهيا هئا.