کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > اکين سان ڏسي مک کائڻ

اکين سان ڏسي مک کائڻ

نصي رانا
September 6th, 2008

پراڻي دور جون شهزاديون به عجيب سائڪو هونديون هيون. پنهنجي شادي لاءِ عجيب شرطون طئي ڪنديون هيون ته جيڪو ماڻهون فلاڻو ڪم ڪري ڏيکاريندو ته آئون ساڻس شادي ڪندس ۽ وري ڪيترا ئي ماڻهون هن محاذ تي شهيد ٿيڻ لاءِ مٿي تي ڪفن ٻڌي ڪري نڪرندا هئا ۽ شهزادي کي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي جان وڃائي ڇڏيندا هئا. پر هنن مان ڪو نه ڪو غازي جو درجو پڻ حاصل ڪندو هو ۽ شهزادي سان پرڻو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو.

 

ساڳئي ريت شادي کان پهريان بربادي جي شوقين ۽ سهڻي شهزادي اعلان ڪيو ته ”جيڪو ماڻهون منهنجون ٽي شرطون پوريون ڪندو آئون هن سان شادي ڪندس“. سندس ٻن شرطن کي پورو ڪرڻ حد کان وڌيڪ ڏکيو ڪم هيو پر ٽين شرط کي پورو ڪرڻ هر نوجوان جو خواب هيو، شهزادي جي پهرين شرط هي آهي ته بيٺي بيٺي شراب سان ڀريل مٽ پيڻو پوندو. ٻي شرط هي آهي ته بند ڪمري ۾ وڃي اندر موجود شينهن جون اکيون کڍڻيون پونديون ۽ ٽين شرط سڀ کان منفرد هئي ته آخر ۾ شهزادي سان ڏاڍائي ڪرڻي آهي. ٽين شرط کان محسوس ٿئي ٿو ته شهزادي آمريڪن مائنڊ هئي ڇاڪاڻ ته هتان جي انگريزياڻيون وائلڊ وائلڊ راند کيڏڻ حد کان وڌيڪ پسند ڪنديون آهن. ڪجهه بيلٽ سان مار کائڻ، ڪجهه گاريون ٻُڌڻ، ڪجهه وار پٽرائڻ ۽ ڪجهه هٿ پير ٻڌرائي حد کان گذرڻ کي ئي انسانيت جو معراج سمجهنديون آهن.

 

ساڳئي ريت هن آمريڪي مزاج جي شهزادي جي ٽنهيءَ شرطن مان ٽين شرط پوري ڪرڻ لاءِ هر ماڻهون تيار هيو پر پهرين ۽ ٻي شرط پوري ڪرڻ ايترو ڏکيو ڪم هيو ته شراب جو دريا پار ڪري شينهن جي منهن کان بچي ڪو امريش پوري بڻجڻ جي خواهش پوري ڪري سگهندو هيو. ڪيترن ئي ماڻهن ڪوشش ڪئي پر هنن مان ڪو به شراب جو مٽ پيئڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهون اها شرط پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته شينهن جون اکيون ۽ پنهنجي دل جا ارمان پورا ڪرڻ کان پهريان ئي شينهن جي هٿان پنهنجا آنڊا ڪڍائي مري ويو.

 

هڪ رانگڙ به سندس قسمت آزمائڻ لاءِ لائن ۾ موجود هيو جڏهن سندس واري آئي ته شراب جو مٽ کڻي جهٽ پٽ خالي ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهو نوجوان سورهيو شينهن جي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ الاهي دير تائين اندريان هن رانگڙ ۽ شينهن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون نيٺ فخر سان آڪڙجي ڪري زنده سلامت ٻاهر نڪتو ۽ چيائين ته آئون به شرطون پوريون ڪري چُڪو آهيان هاڻي  مونکي جلدي ٻڌايو ته هو شهزادي ڪيڏانهن آهي، آئون ٽين شرط پوري ڪرڻ لاءِ بيتاب آهيان.

 

شادي هر مرد ۽ عورت جو بُنيادي حق آهي ته پوءِ هن بُنياد تي باقي عمارت قائم ٿيندي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪٿي هنن خوابن جي سهڻي تعبير هوندي آهي ۽ ڪٿي بدترين تصوير هوندي آهي. پر شادي ۽ پيار غير مشروط هوندو آهي پيار جو نتيجو شادي ۽ شادي جو نتيجو لاڳيتو بربادي آهي پوءِ هن ۾ اُبتي سُبتي شرطن جو ڪهڙو ڪم؟ جيڪڏهن ڪرڻي آهي ته کلي ڪريو ۽ نه ڪرڻي آهي ته جواب ڏيو يا انڪار ڪري ڇڏيو ته جيئن ماڻهون ڪنهن ٻي هنڌ پنهنجي قسمت آزمائي سگهي.

 

گذريل هندستاني وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي جي پاڪستان جي دوري دوران ڪشمير جو ذڪر ٿيندو رهيو ۽ هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي انداز سان ڪشمير جي اهميت کي ظاهر ڪيو پر جيئن ئي هڪ مشاعري ۾ ڪشمير لاءِ آپگهات ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هن جي تعريف ڪرڻ گهرجي. هن مشاعري ۾ اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن اٽل بهاري واجپائي هن دعوي کان انڪار ڪري ته ڪشمير هندستان جو حصو آهي ۽ هو پنهنجو حصو واجپائي تي قربان ڪندا.

 

ڪيترن ئي اخبارن مختلف انداز ۾ واجپائي جو ڀورو بڻجڻ وارو اعلان پيش ڪيو. ڪنهن لکيو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي وڃي ته هو هميشه لاءِ واجپائي جي ٿيندي. ڪنهن لکيو ته ڪشمير جي آزادي سان مشروط شادي جي آفر. هونئن ڪشمير سان محبت جي هن جذبي تي هن شاعره جي تعريف ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير جي بدلي هن شاعره پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اها شاعره پي ايڇ ڊي هئي.

 

PHD جو تعليمي معيار ڇا آهي هن باري هر ڪو ڄاڻي ٿو پر تاريخي لحاظ سان جيڪو به بڻجڻ لڳو اُهو هيو P سان پيار H سان هندو ۽ D سان جو معني (پيار هندو جو“ جنهن جو اظهار واضع طور تي هن عورت ڪيو هو. لڳي ٿو ته شاعر يا ته انڌي هئي جنهن سبب هو اکين سان ڏسي مک ڪائي رهي هئي ۽ افسوس نه بلڪ فخر سان ڪشمير جي محبت ۾ قرباني ڏئي رهي هئي ۽ سموري قوم تي احسان ڪري رهي هئي. اسين تسليم ڪريون ٿا ته اُها شاعره ڪنواري ڇوڪري ۽ اٽل بهاري واجپائي ڪنواره ڇوڪرو هيو پر سندس شمار هنن ڪنوارين ۾ ٿيندو هيو جيڪي بغير ڪنهن استعمال جي ڪنوارا رهجي ويندا آهن ۽ جن باري ڪو به نوجوان ڪنوارو چئي سگهي ٿو ته:

 

 نه تو اڇا نه منه اڇا نه تيري لنگي اڇي

تيري ڪنوارگي سي تو ميري آوارگي اڇي

 

رب ڄاڻي ٿو ته هن شاعره، واجپائي ۾ ڇا ڏسي ڪري ڪشمير جي بهاني ”دل ڪي ارمان آنسوون مين بهه گئي“ جڏهن ته اخبار ۾ شايع ٿيل تصوير خوبصورت نوجوان ڇوڪري جي هئي پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هڪ سهڻي عورت، اٽل بهاري واجپائي سان پنهنجو تعارف ڇو ڪرائڻ چاهيندي هئي جڏهن ته ڪنوارا ڇوڪرا ۽ ڪنوارا سياستدان ته اسانجي ملڪ ۾ به کوڙ سارا آهن. جيڪڏهن ڏيهي نه ته پرڏيهي ڪنوارا به ملندا آهن. هن سان گڏ اُهي ماڻهون برطانيا جا سٽيزن پڻ هوندا آهن. مزي سان هنن سان گڏ رهن ۽ پرڏيهين جي خدمت ڪن. ٿي سگهي ٿو ته سندس هن قرباني سان ڪشمير مسئلي کان اڳ ڪو ٻيو مسئلو حل ٿئي پوي. پنجابي مهاجر ڀائي ڀائي نه سهي پر پنجابي مهاجر ڀاڄائي، گهوٽ ڀاءُ ئي سهي ڪنهن قسم جي ويجهڙائپ ته هجڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ اهو سهڻو تحفو ڪنهن پنهنجي کي ته ملندو.

 

اها شاعره واجپائي سان شادي ڪرڻ کانپوءِ ڇا ڪري ها، هن کي ته مڙس ۽ سس جي درميان تميز ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ها ڇاڪاڻ ته واجپائي جو ته پنهنجو منهن سس جهڙو آهي ۽ سس به اهڙي جنهن جي منهن ۾ ڏند ڪونه هجن. واجپائي کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته کيس ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته هو ڳالهائيندي مهل ”ڪينڊي“ چوسي رهيو هجي.

 

جيڪڏهن دورو ڪرڻ لاءِ آيل سياستدانن جون عادتون خراب ڪيون وڃن ها ته پوءِ نئون بحران پيدا ٿئي ها. هر اچڻ وارو چئي سگهندو هو ته واجپائي کي تحفو ڏيو ٿا، اسين توهانجي ٻڪري چوري ڪئي آهي ڇا، اسانکي به تحفو ڏيو. اسين ايتريون سوکڙيون ڪٿان ڏئي سگهون ٿا، اسان وٽ ته ايڌي جي اپيل ڪرڻ کانپوءِ به ڏکياين کانپوءِ فنڊ ملندا آهن ته ايڌي واري تحفن سان غير ملڪي اڳواڻن کي تسلي ڪونه ٿيندي ته جيڪڏهن اسي شاعره جهڙا تحفا تيار به ڪندا سين ته پوءِ سموري غير ملڪي اڳواڻن کي اسانجي ملڪ جو دورو ڪرڻ لاءِ بار بار دوراه پون ها.

 

آئي هي ديري ديس تو ڪڇ ليڪي جائين گي

دو ايڪ شاديان هم ڀي ڪرڪي جائين گي

 

شاعره ۽ واجپائي واري مامري تي پاڪستان جي ڪجهه مولوين تنقيد ڪندي فتوي جاري ڪيو ته شاعره مرتد ٿي وئي آهي ۽ اسلام جي دائري کان ٻاهر نڪري وئي آهي ۽ مسلمان هوندي به هڪ هندو سان شادي ڪرڻ وڏو گناهه آهي.

 

شاعره مولوين جي فتوي تي تبصرو ڪونه ڪيو ۽ هو اٽل بهاري واجپائي جي فيصلي تي قائم رکي ۽ سندس فتوي وارو ڪن خراب هيو يا وري ٻنهيءَ ڪنن ۾ واجپائي جي ”آواز“ گونجي رهي هئي ان ڪري ڪنهن ٻي جي ”آواز“ ٻڌڻ جي گنجائش ڪونه هئي.

 

ٻي پاسي جڏهن واجپائي اها خبر ٻڌي ته هوريان هوريان اهڙي طرح مُرڪڻ شروع ڪيائين جيئن کيس ”لاٽو“ هٿ اچي ويو هجي. پهريان ته هو پاڪستان ۾ بس ۾ ويهي آيو هو ۽ آئنده گهوڙي تي ويهي اچڻ جا خواب ڏسي رهيو هوندو. ”بس ڊپلوميسي“ اسانکي ايتري مهانگي پئجي وئي جو ان باري اسين ڪڏهن سوچيو به نه هيو، بس جي اچڻ تي حڪومتي ٽولو ته ڀليڪار چوندو آهي جڏهن ته باقي سمورو ملڪ ”بس ڊپلوميسي“ لاءِ چوي ٿو ته:

 

بس ني ڪردي هماري بس

بس ڪر ڀائي بس ڪر بس

 


 

 

Powered by: PHPCow.com