آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ پنج سالن جي هڪ ٻار سندس پيءُ جي پئسن واري الماڙي مان 133000 ڊالر کڻي شاپنگ دوران خرچ ڪري ڇڏيا.
پنج سالن جي ڊي جوجا سندس دوستن سان گڏجي ڪري شاپنگ مال ويو ۽ سمورا پئسا ڪپڙن، رانديڪن، ڪمپيوٽر ۽ گيمن ۾ خرچ ڪري ڇڏيو.
پيءُ کي هن ڪاروائي جي خبر تڏهن پئي جڏهن پُٽ ۽ سندس دوست ڪيترن ئي شاپنگ بيگز سميت گهر پهتا. پيءُ جو چوڻ آهي ته هو پئسن جي الماڙي بند ڪري وسري ويو هو جنهن کانپوءِ سندس پنج سالن جو پُٽ الماڙي مان پئسا ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ڇوڪري جي پيءُ جو چوڻ آهي ته هن پوليس کي تفتيش ڪرڻ لاءِ چيو آهي ڇاڪاڻ ته دُڪان جا مالڪ ايتري ننڍي ٻار کي اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ڪرڻ ڏنو. پوليس جو چوڻ آهي ته هو هن مامري جي جاچ ڪري رهي آهي.