کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > نائيجيريا: 86 ذالن جو مڙس اسلامي قانون هيٺ گرفتار

نائيجيريا: 86 ذالن جو مڙس اسلامي قانون هيٺ گرفتار

ويچار ڊيسڪ
September 16th, 2008

نائيجيريا جي پوليس 84 سالن جي هن مولوي کي گرفتار ڪري شادي سان متعلق اسلامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل اُماڻي ڇڏيو آهي جنهن 84 شاديون ڪيون هيون ۽ 107 ٻار پيدا ڪيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته محمد بيلو مسابه کي نائيجيريا جي شرعي عدالت جي حڪم جاري ڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ مٿس اسلامي قانون جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي.

 

تازو ئي هن ڳالهه جي وضاحت ٿي هئي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ مٿس ڪهڙو قانون لاگو ڪيو ويندو. شرعي قانون ماڻهون کي هڪ وقت چار کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي.

 

نائيجيريا هڪ اسلامي ملڪ آهي پر هتي سخت اسلامي سزائون ڪونه ڏنيون وينديون آهن. اسلامي قانون موجب هتي ڪنهن کي اڃان تائين موت جي سزا ڪونه ٻڌائي وئي آهي. نائيجيريا جي مرڪزي حڪومت سيڪولر آهي جيڪا فوج کي ڪنٽرول ڪندي آهي ۽ هن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سخت اسلامي سزائون لاگو ڪونه ڪيون وينديون.

 

محمد بيلو مسابه جو چوڻ آهي ته رب کيس ايتري همت ڏني آهي ته هو سموري خاندان کي راضي رکي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهون جون ڏهه ذالون هجن ته هو مري ويندو پر رب سائين مونکي ايتري طاقت ڏني آهي ته آئون 86 ذالون به سنڀالي سگهان ٿو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com