توهان به هر پاسي گوڙ ۽ چوٻول ٻُڌا هوندا ته پاڪستان جي نئين خوشنصيب صدر آصف علي زرداري آمريڪي نائب صدر جي اُميدوار ساراه پالن کي لائن ڏني هئي. هن ڳالهه تي آمريڪا ۽ دنيا جي ميڊيا گوڙ ڪري رهيو آهي. لائن ته وڏا وڏا ڏيندا آهن پر ڪجهه ماڻهون کلي ٽاري ڇڏيندا آهن ۽ ڪجهه پوئتي پئجي ويندا آهن.
جيڪڏهن توهان زرداري جي لائن ڏيڻ جي وڊيو ڪونه ڏٺي آهي ته پوءِ وچار ڊاٽ ڪام جي ويب سائيٽ تي موجود آهي توهان هن ويب سائيٽ جي ذريعي اُها وڊيو ڏسي سگهو ٿا. ويچاري زرداري ايترو ئي چيو هو ته ”سُهڻا توهان ته غضب ڪري ڇڏيو آهي“ هاڻي خبر پئي جو سڄو آمريڪا توهانجي ڪڍ چرين وانگر ڇو پئجي ويو آهي.“ شايد آمريڪي چريا هوندا آهن يا نه وڊيو ۾ زرداري صاحب چريو ضرور نظر اچي رهيو آهي. ان ڪري هر ڪو کيس چڙائي رهيو آهي.
زرداري ويچارو ته صرف شوقين ماڻهن وانگر لائن ڏئي رهيو هو، صدر ڪلنٽن ۽ مونيڪا لونسڪي پيٺ هيٺ لٿل حالت ۾ پڪڙجي ويا هئا. ڪانگرس به کيس امپيچ ڪيو هو پر ماڻهن ۾ سندس عزت گهٽجي ڪونه سگهي هئي. جان ڪينيڊي ۽ رابرٽ ڪينيڊي بلڪل پلي بواءِ هئا پر اڄ به هو ماڻهن جا هيرو آهن. ان ڪري ماڻهون به بادشاهه آهن چاهن ته وڏي وڏي ڏوهارين کي به معاف ڪري ڇڏيندا آهن جيڪڏهن نه چاهن ته پوءِ اک هڻڻ سبب ماڻهون کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيندا آهن.
هن سان مونکي ڀٽي صاحب جو 1970 وارو اليڪشن ياد آيو آهي. جماعت اسلامي وارن جو زور ڀٽي جي شراب پيئڻ ۽ عورتن سان عشق بازي ڪرڻ تي هو. هڪ ڏينهن آئون ڏٺو ته هڪ جماعت اسلامي جو مجاهد هڪ پوڙهي جو گهيرائو ڪري بيٺو آهي جيڪو پيپلز پارٽي جو جهنڊو کڻي بيٺو هو. مجاهد کيس اهو چئي ندامت محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ”چاچا سائين توهان هڪ شرابي ۽ زاني جي پوئتي ڪيئن هلي سگهو ٿا. پوڙهو تنگ ٿيو ۽ مجاهد کي ڏيائين ”پُٽ“ جوان ماڻهون آهي. سهڻو آهي جيڪڏهن عورت جي پوئتي نه وڃي ته پوءِ توهان وانگر ڇوڪرن جي پوئتي وڃي“ واه عوام، رب واري خصلت آهي توهانجي، چاهيو ته وڏي کان وڏي پاپي کي ڪُلهن تي کڻو ۽ چاهيو ته چڱي ڀلي ماڻهون کي مٽي ۾ رولي ڇڏيو.
پر ماڻهون به سياڻا هوندا آهن. هو ماڻهون جي ذاتي ڪرتوتن کي سندس زندگي جي انداز ۾ رکي ڏسندا آهن. جيڪڏهن هنن کي محسوس ٿيندو آهي ته هي ماڻهون اسانجو همدرد آهي ته سندس سمورا گناهه معاف ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن محسوس ڪندا آهن ته ماڻهون چور آهي ته پوءِ سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي. ان ڪري زرداري کي معافي نه ملندي ڇاڪاڻ ته هن اڃان تائين ڪو اهڙو قدم نه وڌايو آهي جنهن سان ماڻهن کي محسوس ٿئي ته هو اسانجو پنهنجو آهي. هو پرائو آهي ۽ هن سان بنگالين جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.
توهان ضرور سوچي رهيا آهيو ته جنوني بادشاهه ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. ان ڪري آئون آخر ۾ توهانکي هڪ حاجي جو پهاڪو ٻڌائيندس. حاجي صاحب ڪنهن ڇوڪري سان شوق فرمائيندي پڪڙجي ويو. ماڻهن چيو حاجي سائين توهان حج ڪري موٽيا آهيو، هي ڪهڙو پروگرام ٺاهي رهيا آهيو. حاجي صاحب فرمايو ”ادا آئون حج ڪري موٽيو آهيان کسي ٿئي ڪونه موٽيو آهيان.“