برطانيا ۾ هڪ پوڙهي عورت جنهن هلندڙ هفتي پنهنجي 105 سالگره ملهائي آهي سندس چوڻ آهي ته سندس طويل حياتي جو راز سندس ڪنوارو پن آهي. سندس چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به سئڪس ناهي ڪيو ۽ کيس سئڪس ڪرڻ اجايو محسوس ٿيندو هو.
ڪلارا ميڊمور نالي جي هن عورت سندس سالگره ڪنڊھ ڪارنويل جي پيرن بي نرسنگ هوم ۾ ملهائي. برطانيا جي شهزادي الزبٿ کيس مبارڪباد ڏيڻ لاءِ ڪارڊ موڪليو آهي.
ميڊمور جو چوڻ آهي ته ماڻهون کائنس پڇندا آهن ته هو هم جنسي پسند ڪندي آهي ته سندس جواب نه ۾ هوندو آهي. سندس چوڻ آهي ته کيس ڪڏهن به سئڪس جي چاهت محسوس نه ٿئي. کيس محسوس ٿيندو هو ته سئڪس ڪرڻ اجايو آهي ان ڪري هن پاڻ کي ٻين ڪمن ۾ مصروف رکيو ۽ سئڪس کان پري رهي.
ميڊمور گلاسڪو، اسڪارٽ لينڊ ۾ 1903ع ۾ ڄائي، هو ڪئناڊا ۽ نيوزي لينڊ ۾ رهي ۽ بعد ۾ ويهه ورهين جي ڄمار ۾ هو برطانيا واپس آئي ۽ سيڪيٽري جي طور تي ڪم جو آغاز ڪيائين. ٻئي عظيم جنگ ۾ هن مصر ۾ فوجي ڊيوٽي به ڪئي ۽ چاليهه سال اڳ رٽائر ٿئي.