{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > ماءُ ٻولي جو ڏينهن ۽ يتيمن جون اميدون

ماءُ ٻولي جو ڏينهن ۽ يتيمن جون اميدون

ڊاڪٽر منظور اعجاز
February 21st, 2009
5 / 5 (1 Votes)

هر سال وانگر اڄ به ماءُ ٻولي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. لڳي ٿو انهي ڏينهن کي ملهائڻ جي ضرورت به انهي ڪري پئي آهي جو دنيا ۾ انهن يتيمن جو تعداد گھٽجندو پيو وڃي جنهن جون مائرون يا ته مري ويون آهن يا پوءِ مرڻ گھڙي جي ويجھو آهن. مونکي ته اڃا به يقين ڪونهي ته اسان جي ٻولي مري چڪي آهي يا پوءِ مري سگھي ٿي. ايئن ته ڪنهن به پٽ کي پنهنجي ماءُ جي مرڻ تي يقين ناهي ٿيندو، پر پنجابي جي باري ۾ منهنجي اميدن جا ڪجهه ڪارڻ آهن.

ماءُ ٻولي جي مرڻ سان نه رڳو انهي جا ڳالهائڻ وارا مري ويندا آهن پر انهي سان انهي جي سڄي تاريخ مري ويندي آهي. ڇو جو انهي جي هر لفظ ، اکر ، محاوري ، پرولي ، چوڻي جي پويان انهي جي تاريخ هوندي آهي، انهي جي پويان سڄي سنڌ جي واپار جي ڪهاڻي لڪيل آهي.

اهڙي ريت جڏهن نوران دلي ڀٽي کي ڪبوتر جي وسيلي سنيهو موڪليندي آهي ته اسان کي ڳولهڻ سان خبر پوندي آهي ته موريا خاندان جي بادشاھ اشوڪ جا مڪبر به ساڳيو طريقو اپنائيندا هئا. ظاهر آهي دنيا بدلجي وئي آهي. هاڻ جي پنجابي ٻولي مري ويندي ته انهي سان اسان جي ڪيئي سو سال پراڻي تاريخ به مري ويندي. ۽ جيڪڏهن تاريخ مري ويندي آهي ته ماڻهو ڪڏهن جو رک ٿي ويندو آهي، انهي جو مثال انهي ريت ڏئي سگھجي ٿو ته ٿر ۾ بيٺل اهڙو ٻوٽو هوندو آهي جنهن کي ڪو نه ئي پاڻي ڏيندو آهي ۽ نه ئي انهي جو ڪو ساٿي هوندو آهي ته اسان پنجابي به اهڙي ٻوٽي جيان ٿر ۾ بيٺا آهيون ۽ ڪير به اسان جي سار لهڻ وارو ڪونهي.

اسان کي انهي ڏس ۾ گھرجي ته اسان هر شعبي ۾ اڳيان وڌون پر انهيءَ سان گڏ اهو به ضروري آهي ته پنهنجي ماءُ ٻولي سان به نڀاءُ ڪيون، انهي بنا اسان جو ڪو به ڪم ناهي هلڻو.

اڄ تائين دنيا ۾ جنهن به قوم ترقي ڪئي آهي ته هن پنهنجي ماءُ ٻولي جي ذريعي ئي ڪئي آهي انهي ۾ يورپ ، جاپان ، چين ۽ ڪيئي ٻيا ملڪ شامل آهن پر اسان جي ملڪ پاڪستان جا حڪمران ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي ترقي نٿا چاهين ۽ نه ئي ٻولي وسيلي قوم جي.

پاڪستان ۽ پنجاب ۾ ماءُ ٻولي جو مسئلو لساني نه سياسي آهي ۽ انهن جو حل به سياست جي ميدان ۾ ئي ٿيڻو آهي. جڏهن عوام جاگيرداري نظام مان جند ڇڏائيندو ته پنجابي ٻولي پنهنجي پاڻ ئي پنهنجي جائز ڪرسي تي وڃي ويهندي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: