کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > قومي اڳواڻن جو قومي ٻوليءَ سان مزاق

قومي اڳواڻن جو قومي ٻوليءَ سان مزاق

وچار ڊيسڪ
December 6th, 2007
5 / 5 (2 Votes)

آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اعلي تعليم يافته پاڪستاني اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جون انگريزي جو تڙڪو لڳل خراب ۽ غلط اردو ٻوليءَ واري تقريرن کي اڄڪلهه ماڻهون مزاق جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. بينظير ڀٽو جي غلط اردو گرامر ۽ اکرن جي غلط استعمال تي تيار ٿيل لطيفا انٽرنيٽ تي مشهور ٿي رهيا آهن. ڪيترن ئي پاڪستانين کي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي اهڙي بيعزتي ڏسي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.

 

سومر جي ڏينهن نواز شريف سان ملاقات ۾ بينظير ڀٽو ميڊيا سان اردو ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ” ڪئي ڊيمانڊز قبول ڪئي گئي هين، ڊيٽ آف اليڪشن ديا گيا هي، ايمرجنسي ختم ڪئي گئي هين، ايمرجنسي ختم ڪرني ڪا ڊيٽ ديا گيا هي. Significant acceptance گيا هي. يه بوهت سگنيفيڪينٽ ايڪسپٽينس هي.

 

عورتن جو پهراڻ اوڍي ٽيلي وزن تي پروگرام ڪندڙ علي سليم بينظير ڀٽو جون نقلون ڪرڻ لاءِ تمام مشهور آهي سندس هڪ وڊيو به ياهو جي ويب سائيٽ تي (نهين لوزين گي) ۽ (پرامسز فل courage ڏني وئي آهي. چاهي علي سليم جي ” هم ڪريج“ جهڙن فقرن ۾ گهڻو ڪوڙ شامل هوندو آهي پوءِ به بينظير ڀٽو promises fulfilling فلنگ (گرامر جون تمام وڌيڪ غلطيون ڪندي آهي ۽ گهڻا دفعا تقريرن ۾ ماڻهن لاءِ عورتون ۽ عورتن لاءِ ماڻهون وارا لفظ ڪتب آڻيندي آهي. بينظير ڀٽو جي غلط اردو جي باري اولهه جي ميڊيا ۾ چوٻول ٿي رهيا آهن.

 

فقط بينظير ڀٽو ئي ڪونه جنهن تي اردو ٻوليءَ کي ٽوڙڻ جو الزام هندو ويندو آهي، هن مامري ۾ مشرف کي به اوترو ئي ڏوهاري طئي ڪيو ويندو آهي. خاص طور تي سندس هڪ لائن جا فقرا جيڪي هن 3 نومبر جي ڏينهن ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ تقرير ۾ چيا هئا، جيئن ته ” ميرا ٽوٽل ڪنٽرول ٿا“، ” اسلام آباد ۾ ايڪسٽريمسٽ ڀري هوئي هين“ ۽ ” ايڪسٽريم ازم بوهت ايڪسٽريم هو گيا هي، اڄڪلهه انٽرنيٽ تي لطيفا به گهڻا ئي مشهور ٿي رهيا آهن.

 

سنڌيڪار :  مرزا تيمور رضا

 


 

 

Powered by: PHPCow.com