گورو نانڪ يونيورسٽي امرتسر جو ايسوسي ايٽ پروفيسر برائي پنجابي اسٽيڊيز سائين جتندر پال سنگھ عرف جولي 7 آڪٽومبر جو امرتسر ۾ موٽر سائيڪل تي ويندي هڪ مسافر وين سان ٽڪر ۾ زخمي ٿي ويو هو، ۽ انهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. انهن جي دماغ کي گھري چوٽ لڳي هئي، جنهن جي ڪري هو هوش ۾ ڪونه اچي سگھيا ۽ 14 آڪٽومبر تي لاڏاڻو ڪري ويا.
جتندر جولي ايم اي، ايم فل ۽ نيويارڪ مان ايم آر ايف جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون. جولي جي پاڪستاني پنجابي شاعري ۾ پي ايچ ڊي ڪئي هئي ۽ انهن جو پاڪستان ۾ پنجابي لکڻ وارن سڀني شاعرن سان ذاتي رابطو هو. هن اردو ۽ فارسي ۾ به ڪمال حاصل ڪري رکيو هو. ۽ منشاياد جو مشهور پنجابي ناول ”ٽانوان ٽانوان تارا“ کي گورمکي لپي ۾ مٽائي به چڪو هو. انهي کان سواءِ افضل احسن رنڌاروا جي جي ناول ” رڻ تلوار ۽ گھوڙا“ کي به انهي لپي ۾ مٽايو هو. هو گولڊ ميڊلسٽ به هئا ۽ انهن کي اسٽيٽ ايوارڊ به مليل هو، جولي جي کي ايمبيسڊر آف دي پيس جو به اعزاز حاصل هو، جنهن جي ڪري انهن کي پيس پارليامنٽ جي ميمبرن سان ست ملڪن جو ٽوئر به ڪرايو ويو هو ۽ آخر ۾ پوپ جان پال دوئم سان انهن جي ملاقات به ڪرائي وئي هئي.
جولي جي هڪ پيارو ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ وارو انسان هو، انهن بين الاقوامي سطح کان سواءِ هندوستان جي گھڻين تنظيمن ۾ به نمائندگي ڪئي هئي. اڄڪلهه هو جاپان حڪومت جي دعوت تي ٽوڪيو يونيورسٽي ۾ پنجابي پڙهائي رهيا هئا ۽ موڪلن ۾ پنهنجي ڪٽنب سان ملڻ لاءِ امرتسر انڊيا آيل هئا، جٿي هو هڪ حادثي ۾ زخمي ٿي دم ڌڻي حوالي ڪيو.