{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > چين ۾ انگلش ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي

چين ۾ انگلش ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي

ويچار ڊيسڪ
December 24th, 2010

چين ڏيهي ميڊيا ۾ پرڏيهي ٻولي خاص طور تي انگلش ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ پابندي ۾ اخبار، ويب سائٽ ۽ ٻيا ادارا پڻ شامل آهن. چين جي سرڪاري پريس ۽ پبليڪيشنز واري اداري جي حڪام چيو آهي ته پرڏيهي لفظن جو استعمال ڪرڻ سان چائنيز ٻولي جو معيار خراب ڪيو پيو وڃي.

 

چائنيز اوائلي ٻولي آهي جنهن جي قديم تاريخ آهي.

 

بيان ۾ چيو ويو آهي ته چائنيز لفظن جو استعمال هڪ بهترين معياري ڍنگ آهي، پريس ۽ ٻين پبليڪيشنز واري ادارن کي پرڏيهي ٻولين جي مختصر لفظ ۽ ”چينگلش“ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. چينگلش انگلش ۽ چائنيز ٻولي جو مجموعو آهي. اِهو حڪم ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن تي به لاڳو ڪيو ويندو جتي عام طور تي انگلش ٻولي ڳالهائي ويندي آهي.

 

سرڪاري بيان موجب پرڏيهي ٻولي ڳالهائڻ بدران چائنيز ٻولي ۾ انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي. چين جي پريس ۽ پبليڪيشنز واري اداري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي تبديلين جي ڪري پرڏيهي ٻولين جو استعمال هر کاتي ۾ وڌي رهيو آهي.

 

چين جي هڪ اخبار ”پيپلز ڊيلي“ لکيو آهي ته مختلف ٻولين جا لفظ شامل ڪرڻ سان چائنيز ٻولي تي بُرو اثر پئجي رهيو آهي، انهيءَ ڪري ملڪي ثقافت تي به بُرو اثر پئجي رهيو آهي ۽ سماجي نقصان سامهون اچڻ شروع ٿي چُڪا آهن.