{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ وارو ترميمي بل رد

مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ وارو ترميمي بل رد

ويچار ڊيسڪ
January 20th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌي سميت مختلف مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو آئيني ترميمي بل رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ماروي ميمڻ ۽ نواب يوسف ٽالپر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بل کي بنا ڪنهن سبب جي رد ڪيو ويو آهي،بل رد ڪندڙن جي ذهنيت جو پتو پئجي ويو آهي، قومي اسيمبلي جي قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرپرسن بيگم نسيم اختر چوڌري جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبر جسٽس (ر) فخر النساءَ کوکر، طارق شبير، شڪيله خان رشيد،عبدالغفور چوڌري، انوشه رحمان خان، ايس اي قبال قادري ۽ سائره افضل تارڙ شرڪت ڪئي،  اجلاس جي دوران ماروي ميمڻ پاران ايوان جي پيش ڪيل علائقائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ لاءِ آئيني ترميمي بل 2008ع کي متفقه طور تي رد ڪيو ويو. اي پي پي سان ڳالهائيندي ماروي ميمڻ چيو ته بل کي بنا ڪنهن سبب جي رد ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن خبر هجي ها ته بل کي رد ڪيو ويندو ته ان کي ملتوي ڪرائي ڇڏي آهي، هن چيو ته بل جي رد ٿيڻ سان ذهنيت جو پتو پئجي ويو آهي پر علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي جدوجهد جاري رکنداسين، هن چيو ته جيستائين اجلاس ۾ مسئلو نٿو اچي تيستائين ميمبرن جي راءِ جو پتو نٿو پوي، هن چيو ته مون کي اها اميد نه هئي ته ڪو بل ائين رد ڪيو ويندو، ڪميٽي بنا ڪنهن جواز جي بل رد ڪيو آهي، هن چيو ته آئون اهو بل ٻيهر آڻينديس. نواب يوسف ٽالپر اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي بل رد ٿيڻ کانپوءِ خبر پئي آهي ته ڪو ماروي ميمڻ به بل جمع ڪرايو هو، فيصلي سان اسان لاءِ ڏکيائون پيدا ٿيون آهن، مون گذريل اجلاس ۾ علائقائي ٻولين  کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل آندو هو به پر ٻيا مسئلا هجڻ ڪري ان تي بحث نه ٿيو ۽ مون ان حوالي سان هوم ورڪ مڪمل ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته منهنجي بل تي 50 ميمبرن جو صحيحون آهن، ماروي ميمڻ جو بل سندس اڪيلو بل هو، نواب يوسف ٽالپر چيو ته اسان کي ماروي ميمڻ جي بل جي حوالي سان ڪا به خبر نه هئي، جيڪڏهن بل اوچتو ڪميٽي ۾ آيو هو ته ماروي ميمڻ کي گهرجي ها ته هو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري ها ۽ بل ملتوي ڪرائي ها، هن چيو ته بل پاس ڪرائڻ لاءِ لابنگ ڪرائڻي پوندي آهي ۽ مون ان حوالي سان اتفاق راءِ ڪرايو هو، هن چيو ته ڪميٽي پاران بل رد ڪرڻ افسوس جي ڳالهه آهي، بل کي ائين رد نٿو ڪري سگهجي، ان تي غور ويچار ٿيڻ گهرجي ها، هاڻي اسان کي طريقيڪار ڳولڻو پوندو، هن چيو ته علائقائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ اهميت جوڳو ڪم آهي ۽ ان حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو.