رسول حمزه توف جي مشهور ڪياب منهنجو داغستان ۾ ماءُ ٻولي جي باري هڪ مڪمل باب آهي. هن ۾ رسول هڪ حادثي جو ذڪر ڪيو آهي. ابوطالب هڪ ڀيرو ماسڪو ويو. هن کي هڪ مسافر سان ڳالهائڻو پيو، شايد هن اهو پڇيو هو ته منڊي ڪيڏانهن آهي؟ پر هو ماڻهون انگريز هيو. ان ۾ حيرت جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته ماسڪو جي گهٽين ۽ بازارن ۾ ڪيترا ئي ٻاهريان ماڻهون نظر اچن ٿا.
انگريز ابوطالب جي ڳالهه نه سمجهي سهگيو ۽ هن سوال ڪيو، پهريان هن انگريزي ۾ سوال ڪيو، پوءِ فرانسيسي ۾، سپيني ۾ ۽ شايد ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ به ڪيو هوندس.
ابوطالب انگريزي سان روسي ۾، پوءِ لاڪ، اوار، ليز گين، دارغين ۽ نيٺ ڪوميڪ ۾ ڳالهائڻ جو ارادو ڪيائين. پر ٻئي هڪ ٻي جون ڳاليون ڪونه سمجهي سگهيا ۽ هليا ويا.
ڪنهن پڙهيل لکيل داغستاني، جنهن کي انگريزي جا اڌائي اکر ايندا هئا، هن بعد ۾ ابوطالب کي ثقافت جي اهميت باري يقين ڪرائڻ جو جتن ڪيو.
توهان ڏٺو، ثقافت جي ڪيتري اهميت آهي. جيڪڏهن تون ثقافت وارو ماڻهون هجين ها ته پوءِ انگريز سان ڳالهائي سگهين ها، توکي سمجهه آيو.
ها، سمجهيو ته آهيان، ابوطالب جواب ڏنو. مان اهو ڪونه سمجهي سگهيس ته انگريز کي مونکان وڌيڪ پڙهيل لکيل ڇو سمجهيو وڃي ٿو؟ هو به ته انهن ٻولين مان هڪڙي به ٻولي ڪونه سمجهي سگهيو، جن ۾ مان هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
اڄ عالمي ٻولين جي حالت ڪجهه اهڙي آهي ته عالمي بازار جي طاقتن اها ڳالهه نشر ڪرڻ لاءِ پورو زور هنيو آهي ته اڄ جي دور ۾ جيڪو انگريزي ٻولي نٿو ڳالهائي سگهي هو غير مذهبي آهي. جڏهن ته هي ڪنهن جي مذهب جو پيمانو ناهي. پر غير مهذب ته هو آهي، جيڪو پنهنجي ٻولي، پنهنجي زبان کان انڪار ڪندو هجي. اها ڳالهه بالڪل درست آهي ته انگريزي ٻولي سکڻ گهرجي پر انگريزي سان ئي ماڻهون جو مرتبو وڌندو آي، هي بالڪل غلط آهي. توهانکي جيتري ٻولين جي ڄاڻ هجي، هي بهتر آهي پر هي سڀ ڪجهه پنهنجي ٻولي جي قبر تي تعمير ئي، اها آپگهات وانگر آهي.
ڪو به انگريزي ٻولي جو مخالف ناهي پر جنهن انگريزي جا دهل ٿا وڄن هن جي حقيقت کان به هر ڪنهن کي واقف هجڻ گهرجي. انگريزي کي عالمي ٻولي چئي ايتري بد طريقي سان اسان تي مسلط ڪيو ويو آهي ته ماڻهون اهو سوچڻ لاءِ مجبور ٿيندو آهي ته جيڪڏهن مان انگريزي ٻولي نٿو ڳالهائي سگهان ته پوءِ منهنجي زندگي بيڪار آهي. انگريزي ٻولي نه سکڻ جي ندامت ئي اسانجي ڪيترن نوجوانن کي روحاني مريض بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي جو انگريزي ٻولي عالمي ٻولي ناهي.
انگريزي ٻولي کي عالمي ٻولي جي طور تي مشهور ڪرڻ لاءِ رڌل طاقتن کان سوال ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن برطانيا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ آمريڪا جهڙي ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ انگريزي ۾ تمام گهڻو فرق آهي ته پوءِ هي عالمي ٻولي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هن کان اڳتي جيڪڏهن آبادي جي لحاظ کان ڏٺو وڃي تڏهن به انگريزي ٻولي عالمي ٻولي جو درجو ڪنهن به صورت ۾ حاصل ڪرڻ جي قابل ناهي. دنيا جي ٽوٽل آبادي جو وڏو انگ سموئي چين ۽ ڀارت سان گڏ سموري ايشياء ۽ آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾ انگريزي پهرين ٻولي ناهي.
يورپ ۽ آمريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ انگريزي ٻولي نٿي ڳالهائي وڃي. دنيا جي وڌيڪ آبادي انگريزي ٻولي کان ناواقف آهي. هن لحاظ سان ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته انگريزي عالمي ٻولي آهي ۽ جيڪي ماڻهون انگريزي کي روزگار جي طور تي پيش ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ اهو شيشو آهي ته انگريزي ٻولي کان ناواقف دنيا جي 75 کان 80 سيڪڙو آبادي جو روزگار جو وهنوار سندن ٻولي ۾ هلي پيو.
دراصل اسانکي سمجهڻ گهرجي ته ٻولين جو هڪ ٻي سان تعلق سماجي ۽ عالمي رشتن سان لاڳاپيل آهي. ڪنهن به هڪ ٻولي کي ٻئي ٻولي يا سماج تي مسلط ڪرڻ کي ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهجي. هي سرمائيدار بازاري طاقتن جي اسان جهڙي سماجن کي ذهني طور تي پنهنجو غلام ٺاهڻ جون ڪوششون آهن.
پنجابي ٻولي، ٻولي ۽ تهذيب سان به ساڳيو ڪم ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون آهن. اسانجي لاءِ هي سڀ کان وڏو سانحو آهي ته اسين ٻاهرين طاقتن سان وڙهي رهيا آهيون، پر اسانکي پنهنجن سان به نه چاهيندي وڙهڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي اسانجي نااهلي آهي جو اڄ تائين سرڪاري آفيسن ۾ به پنجابي ۽ سنڌي کي ڪڏهن به وڏو رتبو نٿو ملي.
انگريزي ذهنيت جا غلام اسانجا سياسي اڳواڻ ڳوٺن ۾ وڃي خالص پنجابي ڳالهائي ووٽ گهرندا آهن پر پنهنجي آفيسن ۾ پنجابين کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڪونه ڏيندا آهن. سرڪاري آفيسن سان گڏ عدالتن ۾ به پهريان ئي پنجابين کي ڪجهه به نٿو سمجهيو وڃي ۽ هاڻ ته اسڪولن، ڪاليجن مان به پنجابي کي بي دخل ڪرڻ جون سازشون جاري آهن.
سرڪاري اسڪولن ۾ پنجابي بدران انگريزي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هونئن به سرڪاري اسڪولن جو تعليمي معيار صحيح ناهي پر هاڻ ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ به شاگردن تي ظلم ٿي رهيو آهي. انهن اسڪولن ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ شاگردن کي سزا ڏني وڃي ٿي. اهو سڀ حاڪمن جي نگراني ۾ ٿي رهيو آهي، حاڪمن کي خبر به آهي ته اسڪولن ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ شاگردن سان اهڙو ورتاء ڪيو پيو وڃي پر هو ان عمل جي خلاف ڪجهه به نٿا ڪن.
ان سموري عمل ۾ حاڪمن جي رضامندي شامل آهي ورنه ڪهڙو ڪارڻ آهي ته پنجاب راج بولي ايڪٽ ۾ سزا جي شق اڄ تائين شامل ناهي ڪئي وئي. حالات ڪافي افسوسناڪ آهن پر ڪالم جي حد آهي جو اسين وڌيڪ جانڪاري يا تفصيل پيش نٿا ڪري سگهئون. ڪجهه ڏينهن پهريان پنجابي جي حق ۾ وڙهندڙ ڪجهه ڌرين سرعام جنگ جو اعلان ڪيو آهي، ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
ڪجهه ڏينهن پهريان چنڊي گڙهه ۽ جالنڌر ۾ مشهور صحافي ڪلديپ نائر جي رهنمائي ۾ پنجاب جاگرتا اسٽيج ۽ پنجابي ٻولي جي تقريب ۾ پنجاب جي دانشورن، ليکڪن ۽ ٻين ادبي ٽولن کي ماءُ ٻولي جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. نتيجا تمام بهتر آهن. پنجاب ۾ ڪجهه چرپر نظر اچي رهي آهي. چنڊي گڙهه ۾ پنجابي بچائو منچ به لگاتار سرگرم ٿي رهيو آهي. امرتسر ۾ جنوادي ليکڪ سنگهه ٻولي جو عالمي ڏينهن ملهائيندي سندس ماءُ ٻولي کي حقي درجو ڏيارڻ واري جنگ ۾ سڀ کان اڳتي رهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مرڪزي پنجابي ليکڪ تنظيم جو صدر پروفيسر انوپ ورڪ ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سربجيت سنگهه کي چونڊيو ويو آهي جيڪي نه رڳو پنجابي آهن پر پنجاب کان ٻاهر ٿيڻ باوجود به پنهنجي ماءُ ٻولي، ٻولي ۽ تهذيب لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو اعلان به ڪندا آهن. هي بهترين شروعات آهي. دراصل ضرورت اها آهي ته ٻئي سربراه ليکڪ تنظيمن، ادبي بورڊ لڌيانه، پنجابي جاگرتي منچ، پنجاب بچائو منچ، پنجابي تنظيم ۽ ٻين سرگرم تنظيمون ۽ ادارا پنجابي جو رتبو بحال ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن.
پنجابي ٻولي، ٻولي ۽ تهذيب جي ويڙهه هاڻي ڪنهن فرد واحد يا گروه جو ڪم ناهي. ان لاءِ هر پنجابي ماڻهون جي آواز گهرجي. پنجابين کي سمجهڻ گهرجي ته توهان تڏهن بچي سگهو ٿا جيڪڏهن توهانجي ٻولي بچندي. ماڻهن کي پنهنجي آجپي لاءِ جنگ جاري رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسين پنهنجي جنگ جاري رکندا سين ته حاڪم طبقو اسانجي آواز ٻڌي اسانجي مطالبن تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو. ماڻهن جو دباءُ ئي بچاءُ جو واحد طريقو آهي.
رسول حمزه توف جي هن روايت سان ئي مان پنهنجي ڳالهه ختم ڪندس.
منهنجي لاءِ، قومن جون ٻوليون آسمان جي ستارن وانگر آهن. مان نٿو چاهيان ته سمورا ستارا هڪ وڏي ستاري سان گڏجي هڪ ٿي وڃن، جنهن اڌ آسمان جو گهيرائو ڪيو آهي. ان ڪم لاءِ سڄ آهي پر آسمان ۾ ستارا به چمڪڻ گهرجن. هر قوم کي پنهنجو ستارو رکڻ ڏنو وڃي.
مونکي پنهنجو ستارو پيارو آهي، منهنجي ماءُ ٻولي.