جيئن ته دنيا ۾ هزارين چوڻيون موقع جي مناسبت سان چيون وينديون آهن سو تيئن ئي وڏن جي هي چوڻي ته زبان اهڙي شئي آهي جيڪا انسان کي اُس ۾ به ويهاريندي ۽ ڇانو ۾ به، هن چوڻي جو اصل مطلب اهو آهي ته اسانکي هميشه سوچي سمجهي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان ڪنهن جي دل آزادي ٿئي يا وري دل ۾ دشمني ويهاري ڇڏي.
تازو ئي ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ هڪ ٻي پٺيان اهڙا ٻه واقع ٿيا آهن جن تي اها چوڻي ٺهي ٺهڪي لڳي ٿي. هڪڙو واقعو سنڌ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب سنڌ اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ لاءِ آيو ته سندس مٿان ڪجهه جيالن جوتن ۽ ٿپن جو وسڪارو ڪري ڏنو جنهن جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي پنهنيج وزارت اعلي واري دور ۾ ارباب غلام رحيم صاحب جا بيان پ پ جي جيالن لاءِ ڪجهه دل آزاديندڙ هئا ۽ رارباب صاحب هر روز ڪو نه ڪو اهڙو بيان ضرور ڏيندو هو جنهن سان ٻين جي دل آزادي ٿئي. ارباب غلام رحيم جا ڪجهه پيش ڪيان ٿو جو رڪارڊ ۾ موجود آهن جنهن ماڻهن جي گهڻي دل آزاري ڪئي.
(1) ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه ڪڏهن به ڏينهن نه ورندي ۽ سندس آخري آرام گاهه پرڏيهه ۾ ٺهندي. (2) ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ٻي بيان ۾ جيڪو 18 آڪٽوبر واري واقعي کانپوءِ چيو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه نحوست آهي جنهن ايترا ماڻهون ماريا آهن. اهي ئي اُهي بيان آهن جنهن ماڻهن جي تمام گهڻي دل آزاري ڪئي ۽ ارباب غلام رحيم کي جوتا کائڻا پيا.
ڇو ته وقت هميشه انسان سان گڏ نه هوندو آهي تنهن ڪري سياست دانن کي منهنجي گذارش اها آهي ته هو پنهنجي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي ڇو ته ڪرسي اچڻي وڃڻي شئي آهي. ٻيو واقعو جيڪو به اتفاق سان هڪ ڊاڪٽر صاحب سان ئي ٿيو اهو واقعو لاهور ڊاڪٽر شير افگن نيازي صاحب سان پيش آيو جيڪو به مذهب جوڳو آهي پر اهو به سندس بيانن جي ڪري ئي لڳي رهيو آهي ڇو ته گذريل سال ڊاڪٽر شير افگن نيازي صاحب عدليه ۽ وڪيلن کي به پنهنجي بيانن جو نشانو بڻايو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ڪجهه وڪيلن اهي بيان پنهنجي دلين ۾ ويهاري ڇڏيا هجن ۽ انهن جو Reaction هاڻ موقعو ملڻ تي ڪڍيو هجي.
سياست جي ڪرسي ڇو ته ڪنهن هڪ جي نه هوندي آهي تنهن ڪري ڪنهن به سياستدان کي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اها ڪرسي هميشه ساڻس گڏ هوندي، سياستدان چاهي هو ڪهڙي به پارٽي سان تعلق ڇو نه رکندو هجي انهن کي کپي ته هميشه سوچي سمجهي بيان ڏيڻ. ته جيئن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ ڊاڪٽر شير افگن نيازي جهڙا ڏينهن نه ڏسڻا پون. ڇو ته عوام جو موڊ هميشه هڪ جھڙو نه هوندو آهي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي به اها صلاح آهي ته پنهنجا بيان ڪجهه سوچي سمجهي ڏيڻ ڇو ته وقت ڪنهن کان پڇي ڪونه ايندو آهي.