کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > دانشورن جي باري هڪ ٻول....... ڏاند ۽ ماءُ ٻولي

دانشورن جي باري هڪ ٻول....... ڏاند ۽ ماءُ ٻولي

قاضي جاويد
May 8th, 2008

هڪ صدي اڳ انهيءَ سال لاهور ۾ هڪ نئين بحث جو آغاز ٿيو هو. تڏهن سر پيرتائول چندرا چيٽر جي پنجاب يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هيو. هو هڪ بنگالي هيو. 1908ع تي يونيورسٽي جي ساليانو اجلاس کي خطاب ڪندي هن شاگردن ۽ پنجابي دانشورن تي زور ڏنو هو ته هو پنجابي جي ترقي کي پنهنجو فرض سمجهڻ. هن چيو هو ته پنجاب جي ٻولي ۽ صوبي جي عوام کي هن جي ترقي ۽ عظمت لاءِ هر قسم جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هنن کي پنهنجي ماءُ ٻولي پنجابي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ گهرجي.

 

سر چيٽر جي صاحب هنن کي سمجهايو هو ته سائنسي ۽ تعليمي ادب جو پنجابي ۾ ترجمو ڪيو وڃي. هن اهو اظهار به ڪيو هو ته جيڪڏهن سندس راءِ تي عمل ڪيو وڃي ته ايندڙ ٻن نسلن جي دور تائين پنجاي برصغير جي ترقي يافته ٻولي بڻجي سگهي ٿي.

 

اردو ۽ هندي جا حمايتي جناب وائس چانسلر جي تقرير کان خوش ڪونه هئا. هنن سندس مخالفت ڪئي. خاص طور تي اردو جو حمايتي ايترو ڪاوڙجي پيو ۽ هن شرافت جون سموريون حدون اورانگهي سندس ماءُ ٻولي جو حق مارڻ تي تنقيد ڪئي.

 

سندس سيڪريٽري گھبلي پنجاب کان وزيرآباد جو منشي محبوب عالم هيو جيڪو لاهور کان شايع ٿيندڙ مشهور روزنامي پيسه اخبار جو ايڊيٽر هيو. هن پنهنجي اُردو روزنامي جي ڪالمن ۽ ايڊيٽوريلز ۾ هن وائس چانسلر سر پير تائول چندرا چيٽرجي تي ”جاهل“ ۽ ”بيوقوف“ ۽ ”عقل جو ڪال“ هجڻ جي مهر هنئي، منشي صاحب هن تي جهالت عام ڪرڻ جو الزام هنيو.

 

منشي محبوب عالم جو مضبوط موقف اهو هو ته پنجاب جون ٻه ٻوليون آهن. هڪ ٻولي اڻپڙهيل ۽ جاهل ماڻهون ڳالهائيندا آهن جنهن جو نالو پنجابي آهي. ٻي پڙهيل لکيل ۽ عظيم پنجابي ڳالهائيندا آهن هن کي اُردو چيو ويندو آهي. پر اُردو ٻولي رڳو پنجابي جي اعلي ۽ مهذب شڪل آهي. ”دي پنجابي“ ۾ لکندا آهن ”جيڪي اردو نه ڳالهائي سگهندا آهن يا نه ڳالهائيندا آهن هو ڏاند آهن. ۽ هاڻ پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر اسانکي ڏاند ٺاهڻ جي ڪم جي ذميواري کنئي آهي“.

 

ڊاڪٽر نويد شهزار جيڪو پنجاب يونيورسٽي جي پنجابي شعبي ۾ پنجابي ادب پڙهائيندو آهي، هن مهل پنجابي ۽ اُردو جي حمايتين جي درميان دليل بازي ۽ مضمون لکيو آهي. جميل پال هن مضمون کي پنهنجي ماهيانو سوير انٽرنيشنل ۾ شايع ڪندو ۽ اپريل جي شماري ۾ هن جو ٻيو حصو شايع ٿيندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com