دنيا ۾ هن مهل ست هزار جي ويجھو ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن پر هنن مان فقط 83 ٻوليون اهڙيون آهن جن کي ماڻهون وڏي انگ ۾ ڳالهائيندا آهن. دانشورن جو خيال آهي ته باقي ٻولين جي مرڻ جو ڀئو آهي. سندس چوڻ آهي ته اڄوڪي صدر جي آخر تائين دنيا جون اڌ ٻوليون ختم ٿي وينديون.
ختم ٿيندڙ ٻولين کي بچائيندڙ اداري جي پروفيسر ڊيوڊ هيرسن جو چوڻ آهي ته اهو بحران تمام وڏو آهي. پروفيسر هيرسن ”زنده آوازون“ جي نالي سان منبوصي ۾ نيشنل جيوگرافڪ جي تعاون سان دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ تائين وڃي ڪري دنيا جي ختم ٿيندڙ ٻوليون رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
سندس چوڻ آهي ته جڏهن هو آسٽريليا، سائبريا، هندستان يا دنيا جي ڪنهن خطي ۾ ڪنهن مقامي روهاسي سان ويهي ڪري سندس ٻولي رڪارڊ ڪنيو آهي ته ڪيتري دفعي اها ٻولي جي پهرين رڪارڊنگ هوندي آهي. جيڪڏهن صورتحال بهتر ڪونه ٿي سگهي ته اها رڪارڊنگ هن ٻولي جي آخري رڪارڊنگ به ٿي سگهي ٿي. اُتري آسٽريليا جي هڪ ٻولي آهي جنهن کي ڳالهائڻ وارا رڳو ٽي ماڻهون باقي آهن.
زنده ٻولين جي اداري جي ريسرچ ٽيم کي آسٽريليا ۾ هڪ اهڙو ماڻهون مليو جيڪو ”اموردگ“ نالي جي ٻولي ڳالهائيندو هو. هن کان اڳ اهو خيال هيو جو اها ٻولي ختم ٿي چُڪي آهي. هتي ئي سندس ملاقات هڪ 80 ورهين جي پوڙهي سان ٿي جيڪا ”يارائو“ ٻولي ڳالهائيندي هئي. هن مهل دنيا ۾ رڳو ٽي ماڻهون آهن جيڪي اها ٻولي ڳالهائيندا آهن. اُهي ماءِ اسڪول جي ٻارن کي سندن ٻولي سيکاري رهي آهي. جڏهن هنن ٻارن کان پڇيو ويو ته توهان اها ٻولي ڇو سکندا آهيو ته هنن چيو ته اسين هڪ مرندڙ ٻولي کي زنده رکڻ چاهيون ٿا.
ٻولي جي دانشورن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ ئي طريقو آهي جنهن سان ٻولي کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪ ٻولي ختم ٿيندي آهي ته هن سان انساني علم جو به نقصان ٿيندو آهي.
وائس آف آمريڪا جي ٿورن سان