{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > پاڪستان مسلم ليگ ن پاڪستان جي قومي ٻولين جي حامي

پاڪستان مسلم ليگ ن پاڪستان جي قومي ٻولين جي حامي

ويچار ڊيسڪ
July 8th, 2008
5 / 5 (2 Votes)

ويچار ڊيسڪ (ڊيلس ٽيڪساس)

 

سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي سيمينار کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير احسن اقبال صاحب هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس پارٽي پاڪستان جون سڀئي ٻوليون تسليم ڪندي آهي جن ۾ پنجابي، سنڌي، پشتو ۽ بلوچي شامل آهن. کائنس سوال پڇيو ويو هو ته ڇا هو ماڻهن جون قومي ٻولين کي مڃيندو آهي. احسن اقبال صاحب يقين ڏيارايو آهي ته جيڪڏهن سندس پارٽي پروگرام ۾ اهو ڪم شامل ڪونه آهي ته هن کي جلدي شمال ڪيو ويندو.

 

سياسي صورتحال باري ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو آهي ته هن پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هن جي واعدن تي اعتبار ڪيو آهي جيڪي اڃان تائين پورا ڪونه ٿي سگهيا آهن. پر جيڪڏهن عوام سان ڪيل واعده پاڙيا ڪونه ويندا ته پوءِ کيس پارٽي ڇڏڻي پوندي ڇاڪاڻ ته نه هن تي الزام لڳندو ته هو ججن جي بحالي باري خاموش آهي ۽ عوام سان ڪيل واعده وساري ڇڏيا آهن.

 

هن چيو آهي ته هي ڪوڙ آهي جو سياستدان مارشل لا جو سبب بڻجندا آهن. دراصل حقيقت اها آهي ته جڏهن به فوجي چيف کي پنهنجي نوڪري وڃائڻ جو ڀئو ٿيندو آهي ته هو مارشل لا نافذ ڪندو آهي.