کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > سانا جي اجلاس ۾ منهنجي عرضداشت

سانا جي اجلاس ۾ منهنجي عرضداشت

ڊاڪٽر منظور اعجاز
July 13th, 2008

آئون سنڌ ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي اجلاس ۾ ”انر ڪلچرل ڊائيلاگ“ جي باري مختصر ڳالهه ڪئي ته اسٽيج سيڪيٽري مونکي چيو ته رڳو 5 منٽن ۾ پنهنجي ڳالهه ختم ڪريو. آئون ٽوڪ هڻندي چيو ته چڱو ادا آئون سنڌين کي پنجابي ترجمان سان ويڳن وارو ورتاء ڪرڻ جو موقعو ضرور ڏيندس.

 

پر سانا جي انتظاميا پاران اهو ضرور چيو ويو هو ته توهان پنجابي ٻولي ۾ تقرير ڪجو. اها سانا جي فورم تي 24 ورهين ۾ شايد پهرين پنجابي تقرير هئي. جڏهن آئون تقرير ختم ڪري هيٺ پهتس ته جسٽس ڀڳوانداس اُٿي ڪري پنجابي ۾ چيو ”توهان ڏاڍي سُٺي تقرير ڪئي آهي“ منهنجو خيال آهي ته منهنجي 5 منٽن جا پئسا وصول ٿي ويا آهن.

 

آئون تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان جي قيام جي پهرين ڏينهن کان ئي حڪمرانن کي يقين هيو ته مختلف صوبن ۽ علائقن جا ماڻهون پاڻ ۾ هڪ ٻي سان ڪو ڳالهه ڪن نه وري هڪ ٻي سان تعلق قائم ڪن. هنن مان الاهي پاڪستان جي عوام لاءِ ڌاريا هئا ۽ سندن ڪوشش هئي ته مختلف صوبن جا ماڻهون متحد نه ٿي سگهن.

 

اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن اسلام، اردو ۽ فوج کي پاڪستان جو پيلپائو بڻائي ڇڏيو. هنن مان ڪنهن تي به تنقيد يا ٽوڪبازي ڪرڻ کي پاڪستان جي خلاف سازش سمجھو ويندو هو ۽ ٽوڪبازي ڪندڙن کي هندستان جو ڇاڙتو ۽ جاسوس چيو ويندو هو. جڏهن ته ڪنهن تي ٽوڪبازي ڪرڻ جو پاڪستان جي وفاداري سان ڪو واسطو ڪونه هيو. ان ڪري جڏهن بنگالين اردو ٻولي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ شاگردن کي قتل ڪري ڍاڪا ۾ شهيد مينار ٺاهيو ويو جيڪو بنگالين جي آزادي جو بُرج بڻجي ويو.

 

پاڪستان جي اسڪولن ۾ ٻين صوبن جون ٻوليون پڙهائڻ بدران عربي، فارسي پڙهائي وئي. هن جو نتيجو اهو نڪتو جو پنجابي آمريڪا، چين ۽ جاپان باري وڌيڪ ڄاڻيندا آهن ۽ سنڌ بلوچستان باري تمام گهٽ ڄاڻيندا آهن. پاڪستان جا باقي ماڻهون به اهڙا ئي آهن. هن جي اُٻتڙ هندستان ۾ هر صوبي ۾ ماءُ ٻولي لازمي آهي پر هن سان گڏ ٻين صوبن جي ٻولي پڙهڻ به لازمي هوندي آهي. وري به هندستان جي عوام ۾ پاڪستان کان وڌيڪ اتحاد آهي.

 

ان ڪري اسين مطالبو ڪري رهيا آهيون ته هر صوبي ۾ ماءُ ٻولي کي بنيادي تعليم جو ذريعو بڻايو وڃي ۽ ٻين صوبن جي ٻولين کي به بُنيادي نصاب ۾ لازمي طور تي شامل ڪيو وڃي.

 

هال ۾ موجود سڀنيءَ سنڌين منهنجي ڳالهه جي تعريف ڪئي. ان ڪري جڏهن مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال تقرير ڪئي ته کائنس پڇيو ويو ته ڇا توهانجي پارٽي ملڪ جي قومي ٻولين کي تسليم ڪندي آهي؟ چيائون، ها بالڪل تسليم ڪندي آهي ۽ پارٽي پنهنجي پروگرام ۾ هن کي شامل ڪري رهي آهي.

 

جڏهن آئون پنجابي ۾ تقرير ڪري رهيو هوس ته احسن اقبال هال ۾ پهتو. سنڌي ماڻهن ۾ پنجابي تقرير تي وڄندڙ تاڙيون ڏسي ڪري هو حيران پريشان ٿي ڪري ويهي رهيو.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com