{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > زبان جي سياسي > اردو، فوج ۽ اسلام

اردو، فوج ۽ اسلام

حسن مجتبي
July 16th, 2008
5 / 5 (3 Votes)

ڊاڪٽر منظور اعجاز صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سنڌي اجلاس ۾ شايد پنج منٽن جي پنجابي تقرير ڪري اهڙو ڪم سرانجام ڏنو آهي جيڪو سنڌي ۽ پنجابي دانشور 60 ورهين ۾ ڪونه ڪري سگهيا آهن. يا ٻيو نه ته سنڌي ۽ پنجابي ميلاپ جو هڪ اهڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي جنهن کي ورهين کان ڪُلف لڳل هئا. ۽ هن اجلاس ۾ شريڪ هڪ ٻي مهمان ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻ کي اجلاس ۾ موجود ماڻهن سان واعدو ڪرڻو پئجي ويو ته سندس پارٽي پاڪستان مسلم ليگ ن پاڪستاني قومي ٻولين کي (سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي) کي مڃرائڻ لاءِ جاکوڙيندي. (منهنجي حساب سان براهوي، هندڪو، گجراتي، مارواڙي، سرائيڪي، پوٺوهاري ۽ بلتي به پاڪستان جون قومي ٻوليون ئي آهن).

 

مونکي هن ڳالهه جي خبر به آهي ته اهڙا سنڌي به هوندا جيڪي پهريان پنجابي کي هڪ ”ظالم قوم جي ٻولي“ ۽ پنجاب کي ”سامراج“ چوندا يا سمجھندا هئا (شايد ڪجهه سڄڻ اڃان به سمجھندا هجن). آئون هنن کي اها ڳالهه ضرور چوندس ته اها ڪهڙي ظالم قوم آهي جنهن جو ايليٽ يا اعلي سطح جو عوام پنهنجي ئي ماءَ ٻولي ڳالهائيندي شرم محسوس ڪندو آهي ۽ هن ظالم قوم سڀ کان وڏو ظلم به سندن ماءُ ٻولي (پنجابي) تي ڪيو آهي.

 

ڊاڪٽر منظور اعجاز صاحب هن اجلاس ۾ سندس تقرير ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته پنجابي ۽ سنڌي جو ميلاپ ڪرڻ لاءِ جڏهن به ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته ٽي شئيون ”خطري“ ۾ پئجي وينديون هيون. اُهي شئيون اردو، فوج ۽ اسلام هيون. معني وهابي وفاقيت پسندي يا سخت نسلي مرڪز پسندي جي شريعت ۾ ماڻهون جو نڪاح ٽٽي پوندو هو!

 

جيڪڏهن غور ڪندا سين ته انهن ٽنهيءَ شئين جو هڪ ٻي سان ڪو تعلق هيو نه وري پنجابي يا سنڌي سان. ۽ نه وري پاڪستان کان پهريان يا پاڪستان جي قيام کانپوءِ هن خطي ۾ رهندڙ عوام جو ٻين ٻولين جي ميلاپ سان ڪنهن ماڻهون جو نڪاح يا جاگرافيائي سرحدون (بعد ۾ پاڪستاني حڪمرانن ”نظرياتي سرحدن“ جي حفاظت جو به ذمو کنيو) خطري ۾ پئجي وينديون هيون.

 

منهنجي هڪ دوست جو چوڻ آهي ته اردو ۽ هندي ٻولي جي سبب ئي جھيڙو ٿيو جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ هندستان ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو هو. پر اهو به نه وسارڻ کپي ته 1030 ۾ جڏهن انگريز سرڪار اڻ ورهايل هندستان جي اُتر پرديش ۾ اردو سان گڏ هندي ٻوليءَ کي به سرڪاري ٻولي طئي ڪيو هو تڏهن به اردو دانن ”اردو ڪا جنازه هي بڙي ڌوم سي نڪلي“ جهڙا بند لکيا هئا.

 

۽ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ 1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جي طور تي لاگو ڪيو ته جنگ اخبار ۾ رئيس امروهي جهڙي شاعر هڪ ڀيرو وري ”اردو ڪا جنازه هي بڙي ڌوم سي نڪلي“ اخبار جي هر صفحي تي ڇاپي سنڌ ۾ ٻرندڙ باهه تي پيٽرول هاري ڇڏيو هو.

 

اردو جي نالي تي اختلاف جو بنياد تڏهن وڌو ويو هو جڏهن ملڪ جي باني جناح اوڀر يا مشرق پاڪستان ۾ وڃي ڪري بنگالي قومپرست نوجوانن جي اڳواڻ (جن جي اڳواڻي شيخ مجيب ڪري رهيو هو) چيو ته ”پاڪستان جي قومي ٻولي اردو ۽ صرف اردو هوندي. محمد علي جناح ڪهڙو جمهوريت پسند ۽ سيڪولر هيو جو اڪثريت يعني اوڀر بنگال جي عوام ۽ سندن ٻولي جو ڪو احترامڪرڻ بدران هنن تي اقليت جي ٻولي بطور قومي زبان جي لاگو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا.

 

حيراني ته انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اهڙو ماڻهون جنهن سندس عمر ۾ ڪو هڪ اڌ ڀڳل ٽٽل جملو اردو ۾ ڳالهايو هوندو ۽ ڪڏهن هڪ اڌ ڀيرو مسيت داخل ٿيو هجي هن پوڙهي جناح کي اردو ۽ اسلام جو وڏو گُرو گهنٽال بڻايو ويو.

 

پوءِ اهڙيون ڳالهيون شروع ٿيون ته بيشمار بنگالي نوجوانن جون لاشون ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ اردو جي خلاف اُٿندڙ آواز سبب وڇايون ويون. اهڙي طرح پاڪستان ۽ اردو جو بُنياد وڌو ويو هو. تڏهن کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جي قومي ٻولي صرف اردو آهي. خبر ڪوهي ته ڪنهن نامُراد مذاق ۾ چيو هو ته ”اها اردو نه، اها آهي، اور دو“ معني وڌيڪ ڏيو.“

 

فوج جو اُردو ٻولي سان ڪنهن قسم جو واسطو ڪونه هيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي پنجابين جي اڪثريت ۾ ٿيندڙ فوج جي آفيسري ۽ جرنيلن جي ٻولي انگريزي آهي ۽ سپاه ۽ نوجوانن جي ٻولي پنجابي. پر اقتدار جي بُکايل فوجي جرنيلن پاڪستان جي ڦرمار کان مزو ماڻڻ لاءِ سندن ماءُ ٻولي سميت پاڪستان جي قومي ٻولين کي ترجيح ڪونه ڏني.

 

هن جو اهو مطلب ڪونهي ته اردو ٻولي اڄائي آهي ۽ باقي ٻوليون آسمان کان نازل ٿيون آهن. مير غالب، قرت العين حيدر ۽ جوش مليح آبادي صاحب ۽ منهنجي ڪيترن ئي سهڻي دوستن جي ٻولي آهي. ۽ هن ۾ لکيل ادب ۽ هن ۾ سمايل شاعري جو جواب ناهي. مون جهڙي ليکڪن جو گُذر بسر ته انهيءَ ٻولي سان جڙيل آهي. اها ٻولي بالڪل ائين آهي جيئن جاويد اختر چيو آهي ته، ”وه يار ميرا خوشبو ڪي طرح جس ڪي زبان اردو ڪي طرح“ پر اردو، فوج ۽ اسلام جي نالي تي ٻولي جي سياست فسطائيت پاڪستان جي باقي عوام کانپوءِ ۽ پاڪستان جي گوڏن ۾ اهڙي ريت سمائجي وئي آهي جيئن ننڍپڻ ۾ ٻُڌل ڪهاڻين ۾ ماڻهون کي مم (بلا) چٽندي هئي.