کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شادي بنا گڏ رهڻ وارا بالي وڊ ڪلاڪار

شادي بنا گڏ رهڻ وارا بالي وڊ ڪلاڪار

وچار ڊيسڪ
November 28th, 2008

 

شادي بنا گڏ رهڻ وارن کي ڪٿي به چڱي نگاھ سان نٿو ڏٺو وڃي، پر مغرب جو اهو اثر هندوستان جي حدن اندر خاص طور تي هتان جي فلم انڊسٽري ۾ ڏسڻ اچي رهيو آهي. ويجھڙائيءَ  ۾ سشميتا سين پنهنجي نئين پريمي مدثر عزيز سان گڏ رهڻ شروع ڪيو آهي، انهي کان اڳ هو وڪرم ڀٽ، مانو منن سان گڏ به وقت گذاري چڪي آهي. لارا دتا به اٺن سالن تائين ڪيلي ڊور سان گڏ هڪ ئي گھر ۾ رهي چڪي آهي. اٺن سالن کان پوءِ انهن کي خبر ته اُهي هڪٻئي لاءِ ڪونه ٺهيا آهن، انهڪري اهي ٻئي ڌار ٿي ويا.

عامر خان به ڪرن رائو سان شادي ڪرڻ کان اڳ ڪجھ عرصو گڏ رهي چڪو آهي. سيف علي خان به ڪرينا ڪپور جي عشق ۾ گرفتار ٿيڻ کان اڳ پنهنجي اطالوي گرل فرينڊ روسا سان گڏ بنا شادي جي هڪ ئي گھر ۾ رهي چڪو آهي. ڪمل حسن ۽ ساريڪا به بنا شادي جي ڪيترو عرصو گڏ رهيا ۽ جڏهن انهن شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هن جي ڌي ان شادي ۾ احتجاج طور نه اچڻ جو فيصلو ڪيو. نانا پاٽيڪر ۽ آشا جھلڪا به ڪيئي سال شادي بنا ئي گڏ رهيا ۽ پوءِ شادي ٿيڻ کان اڳ ئي انهن جون واٽون ڌار ٿي ويون.

اڀينيتري منيشا ڪوئرالا به پنهنجي عمر کان ننڍي ڪلاڪار آڪاش سان گڏ هڪ سال تائين هڪ ئي گھر ۾ رهي پر اهو ميل شادي جو ڪارڻ ڪونه ٿي سگھيو. آئٽم گرل راکي ساونت به ڪوريوگرافر اڀيشيڪ اوستي سان گڏ رهي، ٻنهي جو اهو افيئر تمام گھڻو چرچي ۾ رهيو. انهن ٻنهي جو بريڪ اپ ويجھڙائي ۾ ئي ٿيو آهي. ارچنا پورڻ سنگھ ۽ هرمين شيٽي به چار سال گذارڻ کان پوءِ ئي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڪرشنا اڀيشيڪ ۽ ڪشميرا شاھ به ڪيترن ئي سالن کان گڏ رهي رهيا آهن، پر انهن جو اڃا به شادي جو ڪو ارادو ڪونهي، سنجئه دت ۽ منيا تاني به ڪيئي مهينا گڏ رهڻ کان پوءِ ئي شادي جو فيصلو ڪيو. انهن سڀني جوڙن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته اهي سماجي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪندي حياتيءَ جا مزا ماڻي رهيا آهن.

 

 

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com