{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ڊرامو روڪائڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسواڊ

ڊرامو روڪائڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسواڊ

وچار ڊيسڪ
June 13th, 2009

پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ جاري ڊراما فيسٽيول ۾ خميس جي رات اجوڪا ٿيٽر گروپ جي پيشڪش ”برقعه ويگنزه“ جي دوران مقامي انتظاميا جي هڪ آفيسر جي گھر واري جي ذاتي انا هن وقت ماحول بي سواد ڪري ڇڏيو جڏهن ڊرامو روڪائڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ موڪليو ويو.

هن ڊرامي دوران اجوڪا ٿيٽر گروپ جي مديحه گوهر ۽ پنهنجي پاڻ کي هڪ سرڪاري آفيسر جي زال ظاهر ڪرڻ واري هڪ عورت جي وچ ۾ جھيڙو ايترو وڌي ويو جو مقامي انتظاميا هن ڊرامي کي روڪائڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ گھرايو پر ڊرامو پنهنجي وقت تي ئي ختم ٿيو ۽ انتظاميا ورا به هن کي ڪونه روڪي سگھيا.

اجوڪا ٿيٽر جي باني ۽ نشهور ڪلاڪار مديحه گوهر ٻڌايو آهي ته اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر اسد الله فيض جي گھرواري پنهنجي 6 ٻارن کي وٺي جنهن جون عمرون پنج سال کان نئون سال جي اندر هيون ڊرامو ڏسڻ آئي هئي. هتي موجود ماڻهن جي مطابق ڊرامي جي دوران ٻارن اچي گوڙ ڪيو جنهن تي مديحه گوهر اسٽيج تان لهي انهي عورت ڏانهن هلي وئي ۽ انهن کي وڃڻ لاءِ چيو. هن عورت ويندي ويندي تون تون مان مان ڪئي ۽ ڌمڪي ڏني ته هو ڊرامو بند ڪرائي ڇڏيندي.

مديحه گوهر موجب انهي واقعي کان پوءِ هڪ ڊپٽي ڪمشنر نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس پهچي انهن جي ماڻهن کي بتيون وسائڻ ۽ هال خالي ڪرائڻ لاءِ چيو پر ايئن نه ڪرڻ ته انهن ميجسٽريٽن سان گڏ بم ڊسپوزل اسڪوائد به سڏي ورتو. جڏهن ته هر ڊرامي جي شروع ۾ هال ۽ سڄي عمارت جي تلاشي ورتي ويندي آهي.

پر بي بي سي طرفان رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر اسد الله فيض هن واقعي جي ڄاڻ نه هجڻ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مان توهان کي پڇي پوءِ ئي ٻڌائي سگھندس.

هن مشهور ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ هال ڀريل هو ۽ مديحه موجب انهن جي دٻاءُ تي به هي ڊرامو بند ڪونه ڪيو ويو. مديحه گوهر هي الزام به هنيو ته مقامي انتظاميا ۽ پوليس انهي کان پوءِ اجوڪا جي ڪلاڪارن جي گيسٽ هائوس پهچي انهن کي ڊيڄاريو ۽ انهن جي ڪمرن جي تلاشي به ورتي.

مديحه جو چوڻ هو ته اجوڪا هڪ مانوارو نالو آهي انهن اسان سان ڏوهارين وارو رويو رکيو. هي هڪ غير اخلاقي ۽ غير قانوني ڪم هو. هن تي جيترو به احتجاج ڪيو وڃي اوترو گھٽ آهي.

”برقعه ويگنزه“ تي پوئين سال به انتظاميا پابندي مڙهي هئي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: