لاس اينجلس مان ملڻ وارين خبرن جي مطابق مشهور پاپ گلوڪار مائيڪل جيڪسن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هن جي عمر پنجاھ سال هئي.
وسيلن مطابق هن کي دل جو دورو پيو، جنهن جي ڪري طبي عملي کي گھرايو ويو، جڏهن انهن هن جو معائنو ڪيو ۽ انهن کي خبر پئي ته هو آساني سان ساھ نه پيو کڻي، جنهن جي ڪري هن کي اسپتل پهچايو ويو، ڊاڪٽرن جي گھڻين ڪوششن کان پوءِ به هو هوش ۾ ڪونه اچي سگھيو.
پاپ اسٽار مائيڪل جيڪسن جي عمر پنجاھ سال هئي ۽ هو جولائي ۾ لندن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شوبز جي دنيا ۾ واپس اچڻ وارو هو.
مائيڪل جيڪسن جا شيدائي ۽ پرستار يونيورسٽي ڪاليج اسپتال جي ٻاهر گڏ ٿي ويا، جڏهن ته پوليس ايمرجنسي سينٽر جي ويجھو رڪاوٽون بيهاري ڇڏيون آهن.
مائيڪل جيڪسن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پنهنجي فيملي گروپ جيڪسن فائيو ۾ هڪ چائيلڊ اسٽار جي حيثيت سان 11 سالن جي عمر ۾ ڪئي. هن کان پوءِ هن عالمي شهرت حاصل ڪئي، ۽ ٿرلر ۽ بيڊ جهڙا بهترين گانا به تخليق ڪيا.
هو هڪ تمام سٺو بريڪ ڊانسر به هو.
هلندڙ سالن ۾ هن جي شخصيت مالي ڏکيائي ۾ گھيريل هئي ۽ هو تقريبا اڪيلائي ۾ هليو ويو هو. چار سال اڳ هن تي ٻارن سان گڏ ڏاڍائي جو مقدمو به هلايو ويو، جنهن مان هو باعزت بري ٿيو پر هن جي مقبوليت کي تمام گھڻو نقصان پهتو.
هن ٻه ڀيرا شادي ڪئي ۽ انهن مان هن کي ٽي ٻار آهن.
مائيڪل جيڪسن جي دوستن ۽ پرستارن هن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪئي. مائيڪل جيڪسن جي زاتي دوست ۽ آمريڪا ۾ شهري حقن جي ڪارڪن جو چوڻ آهي ته مائيڪل جيڪسن هڪ تاريخي شخصيت هو جنهن آمريڪا ۾ ڪارن ماڻهن جي سيليبرٽي جي قبوليت جي عمل کي اڳيان وڌايو.
مائيڪل جيڪسن جي پهرين زال ليزا پريسلي جو چوڻ آهي ته مائيڪل جي مرڻ جي خبر ٻڌي تمام گھڻو ڏک ٿيو آهي.
مائيڪل جيڪسن ڪيئي ڀيرا پنهنجي اسڪن جي سرجري به ڪرائي.