{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > چوري جھلجڻ تي مس سنگاپور ورلڊ استعيفي ڏئي ڇڏي

چوري جھلجڻ تي مس سنگاپور ورلڊ استعيفي ڏئي ڇڏي

ويچار ڊيسڪ
October 4th, 2009

مس سنگاپور ورلڊ ڪجهه شين جي خريداري لاءِ چوري جو ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪرڻ تي جھلجڻ کان پوءِ استعيفي ڏئي ڇڏي. رس لو نالي مس سنگاپور ورلڊ تي هڪ اخبار ۾ خبر ڇپجڻ کان پوءِ ماڻهن جي طرفان ڀرپور دٻاءُ پيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هن پوئين سال هڪ ميڊيڪل ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندي ست ڪريڊٽ ڪارڊ چوري ڪري انهن تي 8000 سنگاپوري ڊالرن جو شيون خريد ڪيون هيون.

مس ورلڊ جو مقابلو ڪرائڻ واري انتظاميا جو چوڻ آهي ته رس لو هاڻ ڊسمبر ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيڻ واري مقابلي ۾ سنگاپور طرفان شامل ڪونه ٿيندي. اڃا تائين انتظاميا کي هن جي مقابلي جي ڪابه سهڻي ڇوڪري ناهي ملي جيڪا مس ورلڊ جي مقابلي لاءِ سنگاپور جي طرفان شامل ٿي سگھي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: