هندستان ۽ پاڪستان لاءِ نئون سال 2010 امن ۽ دوستي جو سال ثابت ٿيندو. 26 نومبر 2008ع تي ممبئي ۾ دهشتگردي حملن کانپوءِ ٻنهيءَ ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو بند ٿي ويو هو. پر ٻنهيءَ ملڪن جي امن پسند ۽ فڪر مند ماڻهن نئين سال کي ٻنهيءَ لاءِ دوستي ۽ امن جو سال بڻائڻ جا جتن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بالي وڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن هن تحريڪ امن ۾ بُنيادي ڪردار ادا ڪندو.
تحريڪ امن جي سلسلي ۾ ٻنهيءَ ملڪن جي ڪجهه ميڊيا ادارن جي تعاون سان امن مذاڪرات ٿيندا، خبر پئي آهي ته ڪيترن ئي ادارن تعاون ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. اميتاڀ بچن پنهنجي بلاگ ۾ امن ۽ سلامتي جون ڳالهيون ڪندي لکيو آهي ته ٻنهيءَ ملڪن جي ميڊيا جا ادارا گڏجي ڪري هن ڳالهه تي غور ڪندا ته ڪيئن ٻنهيءَ ملڪن جا ڀڳل رشتا ٻيهر جوڙي سگهجن ٿا.
تحريڪ امن جي حصي جي طور تي تيار ٿيندڙ وڊيو ۾ اميتاڀ بچن فلم ميڪر ۽ ميوزيشن گلزار جا گانا ڳائيندي ڏسڻ ۾ ايندو. خبر پئي آهي ته گلزار ۽ ٻيون فلمي هستيون هن مهم جي سلسلي ۾ پاڪستان جي ادارن سان رابطو ڪري رهيا آهن.
ٻنهيءَ ملڪن ۾ هڪ ٻئي جي فنڪارن جي تعريف ڪئي وئي آهي ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي اداڪارن هندستاني فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. شاعرن ۽ اديبن جي ياترائن به ٻنهيءَ ملڪن جي عوام کي مضبوط رشتن سان جوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي ڏسڻو آهي ته جيڪو ڪم سياستدان نه ڪري سگهيا ڇا هو ڪم فلمي ۽ ميڊيا جون هستيون ڪري سگهنديون؟ اميتاڀ بچن جو چوڻ آهي ته ٻنهيءَ ملڪن جو عوام هن تحريڪ امن جي تعريف ڪندو.