واشنگٽن ۾ انور عزيز چوڌري صاحب اچي ۽ هر شام محفل نه هجي ته مزو ڪيئن ايندو. نئين سال جي انتظار جي رات هڪ محفل منعقد ڪئي وئي. ڊان جو انور اقبال، اردو ٽائمز جو ميان شڪيل، واشنگٽن ايريا جو صدر اڪبر چوڌري ۽ ويچار ڊاٽ ڪام جي منظور اعجاز کانسواءِ ٻيا سڄڻ به موجود آهن. انور عزيز چوڌري صاحب وٽ يادن جو خزانو آهي. هن پنهنجي دور جي لڳ ڀڳ هر وڏي هستي کي تمام ويجهو ڏٺو ۽ سڃاتو آهي. صوفي تبسم کان وٺي حبيب جالب ۽ منوڀائي سندس سنگتي هئا.
جڏهن فيض صاحب جون ڳالهيون شروع ٿيون ته چوڌري صاحب ٻڌايو پئي ته هڪ دفئي آئون فيض صاحب کي چيو ته توهانجي ترجمو ٿيل پنجابي شاعري ۾ ڪا خاص ڳالهه ناهي. معني ڪمزور آهي. هن ٻڌايو ته فيض صاحب مونکي چيو، اردو شاعري ۾ غالب اقبال ۽ پوءِ فيض. لائن سڌي آهي. پر جڏهن فيض صاحب پنجابي شاعري ڪئي هتي موجود هڪ پنجابي چيو ”اڙي تون سمنڊ ۾ ڏيڏر مڇي ڪٿان آئي آهين“ معني هن سمنڊ ۾ وڏيون مڇيون ۽ مانگر مڇ آهن. هتي تنهنجي ڇا اوقات آهي؟ پوءِ فيض صاحب چيو ته پنجابي ۾ هڪ ٽانگي وارو مونکان ڀلي شاعري ڪري سگهي ٿو.
هن اِنهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي جيڪا هڪ ٽي وي پروگرام دوران منظور اعجاز صاحب کي فيض چئي هئي ”جڏهن آئون اردو شاعري پڙهندو هوس ته مونکي محسوس ٿيندو هو ته آئون محنت ڪري هن درجي تي پهچي سگهان ٿو پر جڏهن به ائون وارث شاهه ۽ بلهي شاهه جي شاعري پڙهندو هوس ته مونکي محسوس ٿيندو هو ته آئون ڪڏهن به هنن جهڙو نه ٿو لکي سگهان.“