{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > يادون انور عزيز چوڌري جون: جالب جو ماتم

يادون انور عزيز چوڌري جون: جالب جو ماتم

ويچار ڊيسڪ
January 4th, 2010

واشنگٽن ۾ هڪ ڏينهن وري محفل منعقد ڪئي وئي. حبيب جالب جو ذڪر ٿي رهيو هو. چوڌري انور عزيز جن ٻڌايو ته هو سندس پراڻو دوست آهي.

 

هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن حبيب جالب لائل پور (هاڻوڪو فيصل آباد) ۾ ڪوه نور ۾ ننڍو ملازم هو. هو بيمار ٿيو ته هن کي اسپتال داخل ٿيڻو پيو. هتي انور عزيز چوڌري جو پيءُ ڊاڪٽر عزيز چوڌري وڏو ڊاڪٽر هو. هو مريضن جي وارڊن ۾ رائونڊ ڪرڻ ويو ته حبيب جالب کيس هڪ شعر پڙهي ٻڌايو. ڊاڪٽر صاحب ترت حڪم ڏنو ته هن کي منهنجي گهر شفٽ ڪريو. چوڌري صاحب ٻڌايو ته”آئون پنهنجي ڪمري ۾ ويس ته هتي هڪ نوجوان منهنجي هنڌ تي سمهي رهيو هو.“

 

حبيب جالب صاحب ڪيترن ئي مهينن تائين سندس گهر جي ڪمري ۾ رهيو. هو ٻڌائي ٿو ته آئون شراب نه پيئندو هوس ان ڪري حبيب جالب جو شوق پورو ڪرائڻ لاءِ هڪ زميندار جي گهر ويندا هئا سين ۽ پوءِ گرائونڊ ۾ ويهي سندس شاعري ٻڌندا هئا سين. هن دور ۾ ارد گرد جيڪو به مشاعرو ٿيندو هو حبيب جالب صاحب پنهنجي آلاپ سان محفل ۾ موجود ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو.

 

بعد ۾ چوڌري صاحب ٻڌايو ته جڏهن حبيب جالب ميانوالي جيل ۾ قيد هو ته سندس ذال مشڪل سان ٽڪيٽ جا پئسا گڏ ڪري هن سان ملاقات ڪرڻ وئي. تڏهن هن سان گڏ سندس هڪ ٻار به هو جڏهن ته ٻيو پيٽ ۾ هوس. هو ميز جي هڪ پاسي ۽ حبيب جالب ٻي پاسي ويٺو هو. وچ ۾ سي آءِ ڊي وارو ويٺو هو. هي بيحد دردناڪ ملاقات هئي. هن کانپوءِ حبيب جالب هي غزل لکي:

 

جو هو نه سڪي بات وه آنکون سي عيان ٿي

حالات ڪا ماتم ٿا ملاقات ڪهان ٿي

 

گهر مين ڀي ڪهان چين سي سوئي ٿي ڪڀي هم

جو رات هي زندان مين وهي رات وهان ٿي

 

اس ني نه ٺهرني ديا پهرون ميري جي ڪو

جو تيري نگاهون مين شڪايت ميري جان ٿي

 

محسوس ڪيا مين ني تيري غم سي غم دهر

ورنه ميري شعرون مين يه تاثير ڪهان ٿي