ڪالهه رات انور چوڌري سائين سان ٻيهر گڏڄاڻي ٿي. هتي شاهين صهبائي سميت ڪيترا ئي مشهور صحافي دوست پڻ موجود هئا. چوڌري سائين اُستاد امام دين جو ذڪر ڪيو.
چوڌري سائين ٻڌايو ته سندس پيءُ ڊسٽرڪٽ گجرات ۾ هيلٿ آفيسر تعينات ٿيو ته هتي دوستن سان ڪچهريون ڪندو هو. شهر جا شاعر ۽ وڏا وڏا ليکڪ روزانو سندس محفل ۾ ايندا هئا، مهمانن جي خدمت ڪرڻ جي ذميواري سندس دوست (انور عزيز) کي مليل هئي. محفل ۾ سندس پيءُ جي اُستاد امام دين سان ڄاڻ سُڃاڻ ٿي جيڪو هڪ سُٺي عهدي تي فائذ هو. چوڌري سائين ٻڌائي ٿو ته ٻار اُستاد سائين کي گهسرو گهسرو چئي چِڙائيندا هئا. هن سان کينچل ڪندا هئا.
هن اسانکي ٻڌايو ته هڪ دفعي اُستاد سائين نواب جي مڏيءَ تان هڪ مڻ ڪاٺيون اوڌر تي وٺي آيو، هن دور ۾ ڪاٺين جو ملهه پاولي هو. اُستاد سائين ڪيترن ئي سالن تائين کيس پئسا نه ڏئي سگهيو. مڏيءَ تي نواب سائين بدران سندس پُٽ ويهڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينهن نواب جي پُٽ اُستاد سائين کي چيو ”اڙي اُستاد، پئسا ڪڍ“. اُستاد چيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڏيندس. نواب جي پُٽ چيو ”اڙي گهسرو اُهو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟“ اُستاد ڪاوڙجي پيو ۽ هن نوجوان ڇوڪري کي سُروٽو هنيو. اُستاد سروٽي کان بچي ويو ۽ بعد ۾ هن ڇوڪري کي ڪُٽيو.
چوڌري سائين هڪ ٻيو قصو ٻڌايو ته هڪ شهر ۾ هڪ امير ماڻهون هو جنهن جو نالو ميان نور هو. هو هر هفتي شاعرن کي هڪ مصرعو ڏيندو هو ۽ سڀ شاعر مصرعي باري شاعري لکي محفل ۾ ايندا هئا. هڪ دفعي ميان نور سائين مذاق ۾ مصرعو ڏنو:
امام دين گهسرو ڪپاهه پڃي
مشاعري واري ڏينهن اُستاد سائين ٻين ماڻهن کان پهرين هُتي پهتو ۽ در وٽ جُتين جي ڀرسان ويهي رهيو. جڏهن سڀئي ماڻهون پهچي ويا ته اُستاد سائين محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي چيو ته مونکي ضروري ڪم آهي، مونکي جلدي وڃڻو آهي ان لاءِ مونکي پهرين مصرعو ٻڌائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ميان سائين کيس اجازت ڏني جنهن کانپوءِ اُستاد اِهو شعر پڙهيو:
ميئين نور جيهي سور اسين ڪئي ڏٺي چا چا بوٿيان پهرن وچ بيليان دي
ميري ساهمني بهه ڪي دئين طرح مصرعه، تيري پيو دي نونهه نون يانهه ميان
امام دين گهسرو پنجي رون ميان
ترجمو: ميان نور جهڙا ڪيترا ئي سوئر ٻيلن ۾ گهمندي ڏٺا سين، منهنجي سامهون ويهي مصرعو ڏي، تنهنجي پيءُ جي ننهن کي يهان ميان. امام دين گهسرو پڃي ڪپاهه ميان.
هن کانپوءِ اُستاد سائين جُتي پائي ڀڄندي ڀڄندي چيو:
”ڪپاهه پڃيو يا نه؟“