{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > يوسف جي ڪپتاني تي سوال

يوسف جي ڪپتاني تي سوال

ويچار ڊيسڪ
January 8th, 2010

سڊني ٽيسٽ مئچ ۾ پاڪستان جي شڪست کانپوءِ آسٽريلين ڪرڪيٽ جي ماهرن محمد يوسف جي ڪپتاني تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. آسٽريليا جي مشهور بيٽسمين ۽ ڪمنٽيٽر اين چيپل چيو آهي ته هو سمجهي نه سگهيو آهي ته محمد يوسف مئچ جي چوٿين ڏينهن دفاعي حڪمت عملي ڇو استعمال ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته مئچ شروع ٿيڻ کانپوءِ محمد يوسف اٺ رانديگرن کي بانڊري لائن تي ڇو بيهاري ڇڏيو.

 

اين چيپل موجب پاڪستاني ڪپتان کي پنهنجي بالرز تي اعتماد ڪندي آسٽريليا جي رانديگرن تي پريشر وجهڻ گهرجي ها. هن چيو ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 218 رنس ٺاهيا هئا ۽ هن جا بالرز بهترين بالنگ ڪري رهيا هئا ڪپتان کي هنن کي ڪيچر مهيا ڪرڻ گهرجن ها. ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان مخالف کي ظاهر ڪندا آهيو ته توهان انڊر پريشر آهيو ته مخالف هن موقعي جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي خاص طور تي جڏهن توهانجو مقابلو آسٽريليا جهڙي ٽيم سان هجي.

 

اين چيپل چيو آهي ته غير معياري فيلڊنگ سبب پاڪستان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو پر هن شڪست جو ذميوار محمد يوسف آهي جنهن آسٽريليا جي رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ بدران رنسون روڪڻ تي غور ڪيو. آسٽريليا جي مشهور ڪرڪيٽر رچي بينو ۽ شين وارن محمد يوسف جي ڪپتاني کي حيرت انگيز قرار ڏنو آهي.

 

محمد يوسف پنهنجي دفاعي انداز جو دفاع ڪندي چيو آهي ته هن مائيڪل هسي کي رنسون ٺاهڻ کان روڪڻ ۽ پيٽر سڊل کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر آسٽريليا جي رانديگرن سُٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو.

 

اين چيپل چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪپتان پهرين بال تي جوش نه ڏيکاري سگهيو ته پوءِ ڪڏهن جوش ڏيکاريندو. هن چيو ته مائيڪل هسي ٽين ڏينهن راند ختم ٿيڻ کان اڳ 17 رنسون ضرور ٺاهيون هيون پر هر رانديگر پهرين ڏينهن جي شروعات زيرو کان ڪندو آهي.

 

پاڪستان جي اڳوڻي رانديگر عامر سهيل محمد يوسف جي ڪپتاني تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ته محمد يوسف کي پنهنجي بالررز ۽ بيٽسمين تي اعتماد ناهي. رميز راجا چيو ته محمد يوسف جي ڪپتاني ۽ هنن جي دفاعي فيلڊنگ حيران ڪندڙ هئي. رميز راجا چيو آهي ته يوسف کي ڪپتاني جا گُر سکڻ ۾ اڃان وقت لڳندو ۽ ٽيم يونس خان جي بيٽنگ ۽ سُٺي ڪپتاني جي ضرورت آهي.