پرينڪا چوپڙه جيڪا بالي ووڊ ۾ پگي چوپ جي نالي سان مشهور آهي، پاڻ کي ستين آسمان تي محسوس ڪري رهي آهي ۽ ڇو نه ڪري جڏهن کيس اداڪاري جي لاءِ نيشنل ايوارڊ سان نوازيو وڃي ته. فلم فيشن ۾ اداڪاري جو جاه و جلال ڏيکارڻ لاءِ کيس پهريان به فلم فيئر ۽ ڪيترا ئي ايوارڊ مليا آهن پر نيشنل ايوارڊ جهڙو اعزاز ملڻ واقعي اعزاز جي ڳالهه آهي. پوءِ ڇا ٿيو جو پرينڪا الاهي ڪامياب فلمون نه ڏئي سگهي پر پنهنجي مقابلي جي هيروئين ڪرينه ڪپور ۽ قطرينه ڪيف کي ته مات ڏئي چُڪي آهي. آمريڪا ۾ فلم انجانا انجاني جي شوٽنگ دوران پرينڪا کي جڏهن خبر پئي ته هن اِهو چيو ته اُها پاڻ کي ستين آسمان تي محسوس ڪري رهي آهي. اسان ته اڃان تائين ستين آسمان باري ٻڌندا هئا سين پر جڏهن انسان خوش هجي ته پاڻ کي نائين ڇا ڏهين، يارهين بلڪ ڪنهن به آسمان تي محسوس ڪري ان سان توهانجو ڇا وڃي؟
”قطرينه جي شادي“
قطرينه ڪيف شادي ڪري رهي آهي. اِها خبر جنگل جي باهه وانگر پکڙجي وئي جڏهن ڪيٽ بي بي چيو ته هو سال ٻه هزار ٻارهن ۾ شادي ڪندي. بالي ووڊ ۽ ڪيٽ جا ڪو اسٽار تمام بيقرار آهن ته ڪيٽ ڪڏهن ۽ ڪنهن سان شادي ڪندي. اِها خبر ڪيئن ملي؟دراصل ڪجهه ڏينهن کان ڪيٽ پنهنجي لاءِ هڪ وڏو فليٽ تلاش ڪري رهي آهي پر هن اِها تلاش بند ڪري ڇڏي آهي. ڇو بند ڪئي؟ هن کلندي چيو ته هاڻي رڳو ٻه سال جي اندر جڏهن کيس سهري گهر وڃڻو آهي ته پوءِ فليٽ ڇو خريد ڪجي؟ هونئن ڪيٽ اِهو نه ٻڌايو ته هو سلو سان شادي ڪندي يا وري ڪنهن سان.
”چور جيا خان“
جيا خان چور آهي. اٽلي ۾ فلم ”هائوس فل“ جو سمورو يونٽ اڪشي ڪمار، دپيڪا پادوڪون، رتيش ديشمک، لارا دته، جيا خان ۽ ساجد خان هوٽل ۾ ماني کائڻ ويا. ماني کائڻ کانپوءِ ويٽر جڏهن بل کڻي آيو ته ٽيبل جا سمورا چمچ ۽ ڪانٽا غائب هئا. ويٽر ٽيبل تي موجود سڀنيءَ ماڻهن جا پرس چيڪ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. سڀنيءَ جا بيگ چيڪ ٿيا ۽ سمورو سامان جيا جي بيگ مان هٿ آيو. جيا پريشان هئي، سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ بعد ۾ سڀنيءَ کلڻ شروع ڪيو. سڀنيءَ گڏجي ڪري جيا سان مذاق ڪيو هو. سندس بيگ ۾ سامان وجهي ويٽر جي تعاون سان اِهو مذاق ڪيو ويو.
سيف جي پسند
توهان اسان ۽ سڀنيءَ کي خبر آهي ته سيف جي پسند ڪرينه پر ڇا توهانکي خبر آهي ته سيف کي ڪرينه جو ڪهڙو روپ پسند آهي؟ سائز زيرو. فلم ”ڪمبخت عشق“ ۾ سائز زيرو بڻجي ڪري بڪني پائڻ واري بي بو جو چرچو سڄي دنيا ۾ ٿيو. پر سندس مداحن ۽ سندس ماءُ ببيتا جي چوڻ تي ڪرينه ٻيهر پنهنجو وزن وڌايو. سيف ڪرينه جي ڀرپور جسم کان ناراض آهي ۽ سيف علي خان ڪرينه ڪپور کي هڪ ڀيرو ٻيهر سائز زيرو ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.
عامر جي توبه
عامر خان شراب ۽ سگريٽ کان توبه ڪئي آهي. هونئن ته توبه ڪيستائين قائم رهندي اِها خبر ناهي ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ به عامر سگريٽ کان توبه ڪئي هئي. پر ٻيهر جڏهن به سندس نئين فلم جو ٽينشن هوندي هئي ته هو سگريٽ پيئڻ شروع ڪندو آهي. هونئن اسان هڪ گارنٽي ڏئي سگهون ٿا ته هو پنهنجي عهد تي گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سال تائين قائم رهندو، اُهو ان ڪري ته هلندڙ سال هو ڪنهن به فلم ۾ ڪم نه ڪندو. البته عامر شراب ۽ سگريٽ ڇڏڻ جو ڪارڻ ڇا ٻڌايو آهي توهانکي خبر آهي؟ سندس وزن 10 ڪلو وڌيو آهي ۽ اِهو سمجهڻ لاءِ اسان توهانجي تعريف نه ڪندا سين جو فلم ”ٿري ايڊيٽس“ جي ڪاميابي کيس بيفڪر ۽ ٿلهو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي اِهو وزن گهٽائڻ لاءِ سندس توبه جاري آهي.