{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > بالي ووڊ ڊائري: خانن کي ايوارڊ ۽ پريتي جو اسڪول

بالي ووڊ ڊائري: خانن کي ايوارڊ ۽ پريتي جو اسڪول

ويچار ڊيسڪ
February 1st, 2010

هينئر تائين توهان ڪيٽ بي بي کي ڪڏهن ساڙهي ۾ ته ڪڏهن ماڊرن ويسٽرن ڪپڙن ۾ ڏٺو هوندو. پر هاڻي کيس بڪني ۾ ڏسڻ لاءِ تيار رهو. جي ها، فلم دوستانه جي سيڪوئيل ۾ ڪيٽ بي بي بڪني پائيندي پر ڪترينا کي پاڻي مان نڪرڻ بدران گهوڙي جي سواري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي نه. هونئن ته ڪيٽ کي سلو جي وڏي مخالف شاه رُخ جي پارٽي ۾ پڻ ڏٺو ويو جڏهن ڪترينا ميڊيا وارن کان لڪي رهي هئي. بي بي توهانجي ۽ سلو ۾ واقعي مفاصلو وڌي رهيو آهي؟

 

خانن کي ايوارڊ

 

هندستان جا چار خان اڄ به بالي ووڊ تي راڄ ڪري رهيا آهن. سندن مداحن جو انگ نه رڳو انڊيا ۾ پر غير ملڪن ۾ به اُميد کان گهڻو آهي. انڪري سندن فلمي ڪيريئر کي ڏسندي ٻنهيءَ خانن کي يعني عامر خان کي پدم ڀوشن ۽ سيف علي خان کي کدم شري ڏنو ويو. شاه رُخ کي اِهو آڌر سال 2005ع ۾ ڏنو ويو. هاڻي صرف هڪ ئي خان باقي آهي ۽ اُهو آهي سلمان خان، اسانکي لڳي ٿو ته سلمان خان کي شايد حڪومت ئي اِهو ايوارڊ ڏيڻ جي همت ڪري سگهي ٿي، ڇو؟ ڇو ته سندس خلاف عدالتن ۾ ڪاري هرڻ جو شڪار ڪرڻ ۽ روڊ ايڪسيڊنٽ جا ٻه ڪيس موجود آهن. سيف جهڙي اداڪار کي ايوارڊ ڏيڻ ۽ شاه رُخ جي پاڪستاني رانديگرن جي حمايت ۾ ڏنل بيانن کانپوءِ سخت هندو انتهاپسند تنظيم سرگرم ٿي سگهي ٿي ته پوءِ توهان ڇا ٿا سمجهو ته سلمان کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ چونڊڻ حڪومت جي لاءِ ڪيترو ڏکيو ثابت ٿيندو؟

 

شاه رُخ تحفو واپس ورتو

 

هڪ ريالٽي شو دوران جڏهن فاتح جوان شاه رُخ کان تحفي جي طور تي سندس گهڙي طلب ڪئي ته شاه رُخ خان انهيءَ وقت کيس گهڙي ڏئي ڇڏي، پر گهڙي ڏيڻ وقت سرٻاٽ ۾ پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ گهڙي موٽائڻ لاءِ به چيائين ڇاڪاڻ ته شاه رُخ خان اِها گهڙي سندس فلم ۾ استعمال ڪئي آهي جيڪا اڃان تائين مڪمل نه ٿي آهي. ٻي ڳالهه اِها آهي ته اُها گهڙي سندس لاءِ ”لڪي“ آهي. نوجوان ونيت سنگهه ٿورو مايوس ٿيو ۽ ڪنگ خان کي گهڙي موٽائي ڇڏيائين. ٻي ڏينهن جڏهن خان کيس فون ڪري پنهنجي گهر منت ۾ گهرايو ۽ اوتري قيمتي نئين گهڙي تحفي جي طور تي ڏنائين ته ونيت کي يقين نه آيو. هاڻي توهان ونيت جي خوشي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.

 

پريتي اسڪول پهچي وئي

 

پريتي زنٽا پيار محبت جي اسڪول ۾ توڙي ناڪام ثابت ٿي هئي پر بزنس اسڪول ۾ ڪامياب ٿي آهي. بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه گهٽ نظر اچڻ واري پريتي زنٽا هارورڊ يونيورسٽي مان بزنس مئنيجمنٽ ڪورس ڪيو آهي، ٽن هفتن جي ڪلاس کانپوءِ کيس محسوس ٿيو آهي ته هاڻي آئون هڪ هوشيار بزمس وومن آهيان. پريتي زنٽا هلندڙ سال ڪجهه فلمون سائن ڪرڻ چاهي ٿي. ڪو ڳالهه ناهي، پريتي گهٽ ۾ گهٽ فلمن ۽ بزنس ٻنهيءَ شعبن ۾ ڪم ڪرڻ سان پاڻ کي مصروف رکندي ۽ دل ٽٽڻ جو درد به گهٽ محسوس ٿيندس.

 

خان جي ننڍپڻ لاءِ ٻه لک

 

فلم ماءِ نيم از خان ۾ شاه رُخ خان جي ننڍپڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ واري چائلڊ آرٽسٽ ارجان کي آمريڪي لهجو سيکارڻ لاءِ فلم ميڪر ڪرن جوهر ٻه لک رپيا خرچ ڪيا آهن. دهشتگردي تي مبني فلم ۾ شاه رُخ کي آمريڪي مسلمان ڏيکاريو ويو آهي.

 

بٽرل جو عشق

 

توهانکي پرينڪا چوپڙه جي اُها پارٽي ياد آهي جڏهن بالي وڊ اداڪار گيرارڊ بٽلر سندس گوڏن تي ويهي ساڻس محبت جو اظهار ڪيو هو، جڏهن بالي ووڊ ۾ پرينڪا ۽ شاهد جي افيئر باري چوٻول ٿي رهيا هئا. پر هاڻي اسانکي خبر پئي آهي ته ٻنهيءَ ۾ مفاصلو وڌي ويو آهي. نيويارڪ ۾ فلم ”انجانا انجاني“ جي شوٽنگ دوران گيرارڊ بٽلر پهچي ويو ۽ سڄو ڏينهن پرينڪا سان رهيو. هاڻي اسان ڇا سمجهون؟